ميرپورخاص امتحاني سينٽر تي سول جج جو ڇاپو، 3 ڄڻا ڪاپي ڪيس

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي امتحاني سينٽر تي بي اي،  بي ايس سي ۽ بي ڪام جي ھلندڙ پيپرن ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ مقرر نگران سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميرپورخاص علي حسن مري چيڪنگ دوران اصل اميدوارن جي جاءِ تي ويٺل 3 ٻيا اميدوارن کي جھلي ورتو ۽ سندن خلاف ڪاپي ڪيس ڪندي سندن خلاف ڪاليج انتظاميا کان انھن اميدوارن جا تفصيل ڏيڻ ۽ ڪانوني ڪارروائي لاءِ چيو اھڙي رپورٽ ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ميرپور خاص کي اماڻي ڇڏي آھي، ياد رھي ته ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج ميرپورخاص پاران ھلندڙ امتحانن جي نگراني ۽ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ ججن کي مقرر ڪيو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.