ڪڪڙ ۾ واپاري کان ڦر ڪندڙ جوابدار رشوت ڏئي آزاد، احتجاج

ڪڪڙ (ن ع آ  ) ڪڪڙ جي واپاري اڳواڻ محمد اقبال چارڻ  محمد اسماعيل ابڙو محمد اسماعيل ٻٻر غلام مصطفيٰ شر يوسف منگي مولا بخش جنجھ ٻين  ميڊيا آفيس ڪڪڙ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٻه مھينا اڳ رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ نھال چارڻ ۾ ھٿياربندن مون کي يرغمال ڪري موٽر سائيڪل 30 ھزار روڪ رقم سوني منڊي موبائل فون ڦر لٽ ڪئي جنھن جو ڪيس رڪڻ ٿاڻي  تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو ٻه ھفتن بعد جوابدارن جي موبائل فون جي سي ڊي آر جي رپورٽ ۾ جوابدارن جي نشاندگي ڪئي وئي، جنھن ۾ موري واسي جوابدار رجن لغاري طور ٿي جنھن تي ايس ايڇ او ابراھيم بوزدار ايس ايس پي دادو کان جوابدار جي گرفتاري لاءِ  حڪم ورتو ۽ رڪڻ پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار رجن لغاري کي ڦر ٿيل سامان سوڌو کين گرفتارڪيو ويو گرفتار ڪيل جوابدار ٻين جا نالا جوابدار طور کنيا بعد  ايس ايڇ او رڪڻ لالچ  ۾ اچي  ڦر جي واقعي ۾ ملوث ٿيل سمورن  جوابدار کي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو،

پوليس متاثر واپاري ۽ ايس ايس پي دادو کي ان معاملي جي ڪا به ڄاڻ نه ڏني،  ھڪ طرف جوابدارن کي آزاد ڪرڻ ٻي طرف ڦرٿيل سامان ب پولي ھڙپ ڪيو آھي جيڪا رڪڻ پوليس جي ني حسي ۽ نااھلي ھئڻ جو چٽو ثبوت پيش ڪيو آھي، اسين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته واپاري محمد اقبال چارڻ کان ڦر لٽ ٿيل سامان جوابدارن کان واپس ڪرائي ڏنو وڃي، آزاد ٿيل جوابدارن کي ٻيھر گرفتار ڪيو وڃي،  نه ته تحريڪ ھلائينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.