ڳڙهي خيري ۾مسئلن جي حل لاءِ ڳچي ۾ زنجير ٻڌي ريلي، ڌرڻو

ڳڙھي خيرو (رپورٽ: خدا بخش لغاري) ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران  ,گئس پريشر, نادرا آفيس, ڊگري ڪاليج, واٽر سپلاء جي مٺي پاڻي ۽ ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ،  بي اين پي ۽ جي يو آءِ جو شھرين جا بنيادي مسئلا نه ٿيڻ خلاف جبار سنڌي،  گل مصطفي’ جمالي, بي اين پي جي اڳواڻ محمد نور بروھي, اسد الله لغاري جي اڳواڻي ۾ ڳڙھي خيرو جي شھرين جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڳچي ۾ زنجيرون پائي ۽ ڪتاب   کڻي انوکو احتجاجي مظاھرو ڪڍيو ويو, مظاھرين پاران گئس پريشر،  ڊگري ڪاليج, نادرا آفيس،  واٽر سپلاء ناھي "ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” جا زوردار نعرا لڳايا ويا, مظاھري ۾ وڏي تعداد ۾ قومي عوامي تحريڪ, بي اين پي, جي يو آئي ۽ ايس ٽي پي جي جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي, مظاھرين پاران پنج گلي چوڪ  تي ڌرڻو ھڻي سنڌ بلوچستان ويندڙ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو, روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي, ان موقعي تي خطاب ڪندي جبار سنڌي, گل مصطفي’ جمالي, اسدالله حيدري, سنڌ ھاري ڪاميٽي جي صدر نيازحسين عمراڻي, جي يو آئي اڳواڻ اسدالله حيدري, بي اين پي جي اڳواڻ محمد نور بروھي, تعلقه صدر عيد محمد پندراڻي, جنرل سيڪريٽري عبالغفار بروھي, آفيس سيڪريٽري جمعدار محمد اسماعيل پندراڻي,  محمد رمضان بروھي, جاويد جمالي ٻين چيو ته ڳڙھي خيرو مان ڪاميابي ماڻيندڙ چونڊيل نمائندا ڳڙھي خيرو جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي, اسان جي تحريڪ کي 2 مھينا گذري چڪا آھن, مگر ھن وقت تان چونڊيل نمائندا ڇو خاموش ويٺا آھن, اسان جي تحريڪ بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ تائين تحريڪ جاري رھندي, چونڊيل نمائندا ڳڙھي خيرو جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي, اسان جو ٻيو ايندڙ احتجاج پيدل مارچ ڪري جيڪب آباد ۾ چونڊيل نمائندن جي گھرن اڳيان لڳايو ويندو, چونڊيل نمائندن کي عوام ٺڪرائي ڇڏيو آھي,  ھن جديد دور ۾ به عوام پٿرن واري دور جي زندگي گذارڻ تي مجبور آھي, گئس نه ھجڻ سبب عوام ڪاٺيون ۽ ڇيڻا استعمال ڪرڻ تي مجبور آھي, مٺي پاڻي جي سھولت نه ملڻ سبب عوام کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھي, ڳڙھي خيرو ۾ نادرا آفيس جي سھولت نه ھجڻ سبب عوام شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاء ٻين شھرن ڏانھن وڃڻ تي مجبور آھن,  ڳڙھي خيرو جي عوام کي ڪھڙن گناھن جي سزا ڏني وڃي ٿي, عوام پاران چونڊيل ايم پي اي رات جي اونڌاھي ۾ ايندو آھي, جيستائين ڳڙھي خيرو عوام بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رھندي, ھن وقت تائين ڳڙھي خيرو/ لاڙڪاڻو روٽ تي ويگن سروس به بحال نه ٿي سگھي آھي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.