مولانا تي آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي ۾ رنڊڪ ڪهڙي آهي: غفور حيدري

اسلام آباد( م ڊ) سينيٽ  ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ بيان ۾ چيو هو ته مولانا فضل الرحمان کي آرٽيڪل 6 جي تحت گرفتار ڪرڻ گهرجي.  هن چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته وزير اعظم به چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو،

جيڪڏهن وزير اعظم اِها ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي، رنڊڪ ڪهڙي آهي؟  مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته هي تاريخي قدم به کڻن، ماضي ۾ اهڙي قسم جا ڪيس بڻيا، پرويز مشرف اسان تي بغاوت جا ڪيس بڻايا هئا، اڄ پرويز مشرف ڪٿي آهي؟  بعد ۾ سينيٽ ۾ شبلي فراز مولانا عبدالغفور حيدري جي بيان جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان ڌرڻي بابت هڪ معاهدي جي ڳالهه ڪئي هئي، ٻڌايو وڃي ته انهن کي ڪهڙي خاطري ڪرائي وئي هئي، ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي ۽ ڪنهن ڪرائي هئي؟ هن چيو ته توهان ان ڳالهه کي هوا ڏئي رهيا آهيو ته غير جمهوري طريقي سان حڪومتون بڻجنديون آهن، ان معاملي تي وضاحت ڏيڻ ضروري آهي. سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر روبينا خالد ڊيجيٽل ميڊيا بابت نئين قانون جو معاملو به کنيو ۽ چيو ته سينيٽ ڪميٽي ۾ نوان رولز پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي. هن چيو ته وزارت طرفان واعدو ڪيو ويو هو ته رولز ڪميٽي ۾ پيش ڪيا ويندا، چيو ويو هو ته قانون ڪابينا ۾ کڻي وڃڻ کان اڳ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو پر ائين ناهي ڪيو ويو.  راجا ظفر الحق چيو ته مولانا فضل الرحمان جو جيستائين معاملو آهي، ائين محسوس ٿو ٿئي ته حڪومت اهڙي طريقي سان هلي رهي آهي ته آرٽيڪل 6 جي ڳالهه پهرين هڪ وزير ۽ پوءِ وزير اعظم به ڳالهه ڪئي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.