نيب وزيراعظم خلاف هيليڪاپٽر ڪيس بند ڪري خاموشي اختيار ڪري ورتي

پشاور (م ڊ)  قومي احتساب بيورو وزيراعظم عمران خان جي خلاف هيليڪاپٽر ڪيس بند ڪرڻ تي پراسرار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي .عمران خان مٿان الزام آهي ته هن تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ٻن هيليڪاپٽرن تي 18000 ڪلو ميٽر جو سفر 74 ڪلاڪن ۾ ڪيو جنهن سان قومي ناڻي کي نقصان پهتو. نيب ترجمان ۽ سرڪاري ذريعا خبر جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.  نيب جي ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر ان نمائندي کي انتظار ڪرڻ جو جواب موڪليو آهي ڇو ته هن اربع جي ڏينهن خميس جي صبح سرڪاري موقف ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو. پر خميس جي رات تائين نيب جو سرڪاري موقف نه ملي سگهيو پر نيب هيڊ ڪوارٽر جي ڀروسي جوڳا ذريعا هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته عمران خان جي خلاف هيليڪاپٽر اسڪينڊل ڪيس کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.هن نمائندي اربع جي ڏينهن نيب جي مرڪزي ترجمان کي ڪيترائي ڀيرا پيغام موڪليا، ٽيليفون ڪيا پر هن فون ٻڌڻ کان پاسو ڪيو پر پيغامن جو جواب موڪليو ته آفيس بند ٿي چڪي آهي ان ڪري خميس جي صبح مان سرڪاري موقف ڏئي سگهندس. پر خميس جي رات تائين نيب طرفان ڪوبه موقف سامهون نه آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.