پاڪستان قرض پروگرام جا طئي ٿيل هدف پورا ڪيا آهن: آءِ ايم ايف

اسلام آباد (  م ڊ ) عالمي مالياتي فنڊ جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي طئي ڪيل هدف پورا ڪيا آهن. پاڪستان ۾ موجود آءِ ايم ايف وفد پاڪستان ۾ ڳالهين کي حتمي شڪل ڏيڻ کان پوءِ پڌرائي ۾ چيو آهي ته  ڊسمبر تائين سمورن شعبن ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي، ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ اميد کان به بهتر رهي. انهن سڀني تعريفن جي باوجود آءِ ايم ايف مشن طرفان پاڪستاني اختيارين سان گڏ ايندڙ قسط جي جاري ٿيڻ لاءِ معاهدي جو ذڪر ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ماضي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان طرفان ڪا به پڌرائي جاري ناهي ڪئي وئي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون پڄاڻي تي پهتيون ۽ جائزي مشن جي دوري جي پچاڻي تي آءِ ايم ايف پڌرائي به جاري ڪئي. پاڪستان جي معيشت گذريل ڪجهه مهينن ۾ ذڪر جوڳي ترقي ڪئي.04

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.