سهراب مري پ پ چيئرمين بلاول جو ڪوآرڊينيٽر مقرر

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مير سهراب مري کي پنهنجو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پ پ چيئرمين جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. 03

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب اڄ ملڪ ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي، جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ڪجهه هنڌن ۽ جابلو علائقن ۾برفباري جو امڪان آهي.0730

قانوندان منصوب قريشي جي قتل  ۾جوابدار کي ڦاهي، هڪ کي عمر قيد

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت مشهور قانون دان منصوب قريشي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عظمت عرف ولي کي ڦاهي جي سزاٻڌائي ڇڏي. جڏهن ته ٻئي جوابدار عبدالمجيد عرف پيو کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي. .عدالت ٽن جوابدارن عبدالوهاب، ناصر ۽ شهزاد کي اشتهاري قرار ڏنو آهي. جوابدارن 2001ع ۾ آرام باغ جي ويجهو فائرنگ ڪري منصوب قريشي کي قتل ڪيو هو.

پي ايس ايل ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گرائونڊن تي نه ڪرڻ خلاف درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پي ايس ايل ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گرائونڊن تي نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي. درخواست گذار ايڊووڪيٽ عبدالجليل خان مروت پيٽرن آف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، چيئرمين ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾چيو ويوآهي ته ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب 34 ميچن مان 9 ڪراچي،14 لاهور، 8 ملتان  ۽ 3 راولپنڊي ۾ ٿينديون،

جڏهن ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي گرائونڊ ۾ هڪ به مينچ نه رکي وئي آهي

ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ 6 ماڙ عمارت ۾ ڏار پئجي ويا 

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي ۾ 6 ماڙ عمارت ۾ ڏار پئجي ويا، عمارت خالي ڪرائي وئي، گذريل ڏينهن ڪراچي جي گارڊن واري علائقي عثمان آباد ۾ واقع 6 ماڙ عمارت ۾ ڏار پئجي ويا، عمارت ۾ ڏار پوڻ بعد عمارت خالي ڪرائي وئي، عمارت ۾ 10 خاندان رهندا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل عمارت ڪجهه سال اڳ تعمير ڪئي وئي هئي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي عمارت ۾ رهندڙ خاندانن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ سميت مالڪ خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.0730

گڏاپ مان ڦر ٿيل کنڊ سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪرڻ جي دعويٰ 

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر ڪيل کنڊ سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪيو ويو، گڏاپ پوليس ناظم آباد ۾ ڪارروائي ڪري کنڊ سان ڀريل ٽرالر هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس ٻڌايو ته هاءِ وي تان ٽرالر ڦر ڪيو ويو هو، ڦورو ٽرالر کي محفوظ هنڌ ڪاهي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ خراب ٿي پيو ۽ مستري کان ٺيڪ ڪرائي رهيا هئا ته پوليس کي اطلاع مليو.0730

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.