ايف اي ٽي ايف ۾ حمايت جو اعلان، ڪشمير جي ترڪي وٽ به پاڪستان جهڙي حيثيت آهي: رجب طيب اردگان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڪشمير جي حيثيت ترڪي لاءِ اوتري آهي، جيتري پاڪستان لاءِ آهي. پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ترڪ صدر رجب طيب اردگان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان دوران هُن چيو ته ڪشمير جي حيثيت جيتري پاڪستان لاءِ آهي؟ اوتري اهميت ترڪي لاءِ به آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ گڏيل اجلاس دوران پاڪستان جي عوامي نمائندن ترڪ صدر جي آجيان ڪئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خصوصي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته، هو پارليامينٽ کي خطاب جو موقعو ڏيڻ ۽ پرجوش مهمان نوازي تي پاڪستاني قوم جو ٿورائتو آهي. هُن لاءِ پاڪستان ٻيو گهر آهي ۽ هتي اچي ڪڏهن به پاڻ کي غير محسوس نه ڪندو آهي. پنهنجي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته ڀارت جي هڪ طرفن قدمن جي نتيجي ۾ ڪشميري ڀائر تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪشمير مسئلي جو حل جبري پاليسين سان نه پر انصاف جي فراهمي سان ممڪن آهي. ماضي جيان مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل سهڪار جاري رهندو. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، دٻاءُ باوجود پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو.ٻئي طرف ترڪ صدر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين تي ٿيل ظلم  خلاف ترڪ صدر طيب اردگان جي مذمتي بيان تي هن جا ٿورا مڃيا  ٿو. اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کان پوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته 8 لک ڀارتي فوجين لڳ ڀڳ 80 لک ڪشميري ۽ انهن جي اڳواڻن کي محصور ڪري رکيو آهي ايف اي ٽي ايف ۾ انقره اسان جي حمايت ڪئي جنهن تي هن ٿورا مڃيا. ان کان سواءِ عمران خان چيو ته سياست کان سواءِ ميڊيا جي ذريعي ثقافتي مسئلن جو به مقابلو ڪنداسين ۽ ترڪ فلم انڊسٽري مان فائدو کڻندا. هن چيو ته ترڪ فلم انڊسٽري جون فلمون ۽ ڊراما مقامي ميڊيا تي نشر ڪيا ويندا جيڪي اسلاموفوبيا جي حوصلا شڪني تي ٻڌل هوندا.. ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪي صدر رجب طيب اردگان جي گڏيل ڪانفرنس کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.