”رڪوڊڪ بلوچستان جي ملڪيت آهي“ وزيراعظم جي بيان تي سينيٽ ۾ رٿ جمع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ وزير اعظم عمران خان طرفان ريڪوڊڪ جو سون وڪڻي پرڏيهي قرض لاهڻ جي بيان تي مهملي واري رٿ جمع ڪرائي وئي. نيشنل پارٽي  جي سينيٽر مير ڪبير سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڄاڻايل  مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ۽ چيو ته وزير اعظم جي بيان جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. هن چيو ته ريڪوڊڪ، بلوچستان جي عوام جي ملڪيت آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ڪو به اختيار ناهي جو هو ريڪوڊڪ جا ذخيرا وڪڻي ملڪ جو قرض لاهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل سينيٽ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مير ڪبير مطالبو ڪيو ته وزير اعظم عمران خان جي بيان تي سينيٽ ۾ بحث ڪرايو وڃي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.