وزيراعظم جي بيان جو بلوچستان اسيمبلي ۾ پڙاڏو، وسيلا وفاق جا ناهن: ثناءُ بلوچ

ڪوئٽا ( م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر  ثناءُ بلوچ چيو آهي ته رڪوڊڪ بلوچستان جي ملڪيت آهي، بلوچستان جا معدني وسيلا  ۽ سون وفاق جو  قرض لاهڻ لاءِ ناهن. بلوچستان اسيمبلي ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي ثناءُ بلوچ چيو ته وزيراعظم چيو آهي ته بلوچستان جي رڪوڊڪ ذخيرن مان قرض لاٿو ويندو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل هر حڪمران  جي بلوچستان جي وسيلن ۾ اک رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان  عالمي يتيم خانو ناهي .وفاق رڪوڊڪ ۽ ٻين وسيلن کان پاسو ڪر. هن چيو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ آئين تحت وسيلا صوبن حوالي آهن، وفاق جو قرض لاهڻ لاءِ ناهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.