شاگردياڻي اقرا شيخ کي هراسان ڪندڙ ڊرائيور جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور

ڄامشورو (رپورٽ: شاهد خٽڪ) سنڌيونيورسٽي جي آرٽ اينڊ ڊزائين  شعبي  جي شاگردياڻي اقرا شيخ کي پرائيويٽ بس جي ڊرائيور اختر پٺاڻ پاران مسلسل هراسان ڪرڻ ۽ ڊپارٽمينٽ اندر ڊرائيور پاران کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون، شاگردياڻي پاران سخت احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان سمورو واقعو بيان ڪرڻ بعد سنڌيونيورسٽي  جي وائيس چانسلر نوٽيس ورتو پر ڊرائيور خلاف مثبت ڪارروائي بجاءِ  وي سي جي هدايت تي سنڌيونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ آفيسر رحمت الله شر ڄام شورو ٿاڻي  تي پهچي هراسمينٽ جو ڪيس داخل ڪرائڻ بجاءِ معمولي نوعيت جو صرف ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي  ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته بس نمبر جي اي 2692 جو ڊرائيور اختر پٽ رياض پٺاڻ سنڌيونيورسٽي جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي بدين اسٽاپ حيدرآباد مان کڻي ايندو آهي، جنهن 13 فيبروري 2020ع تي شاگردياڻي اقرا شيخ سان بدتميزي ڪندي جنهن سان وڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ته مان کيس گولي هڻي قتل ڪندس ان وقت شعبي جون ٻيون شاگردياڻيون ايمن فاطمه ، ام البنين ويٺل بدين اسٽاپ حيدرآباد سميت ٻيا شاگرد موجود هئا جو اسان  جي مٿين بس ڊرائيور جي خلاف شاگردياڻين اهڙي شڪيات ڪئي  اسان بالا آفيسرن جي حڪم تي حاضر ٿي ڪيس داخل  ٿو ڪريان ته ڊرائيور اختر پٺاڻ شاگردياڻي کي موتمارڌمڪيون ڏنيون فريادي آهيان جاچ ٿئي. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميه ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بدران کيس خاص رعايت ۽ ڍر ڏئي ڪالهه ڊرائيور اخترپٺاڻ  ڄام شورو جي سيشن جج ڄام شورو جي عدالت پهچي گرفتاري کان اڳ 20 هزار روپين جي عيوض ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي ۽ سندس وڪيل ۽ ڀاءُ ضمانت وارو ليٽر کڻي ڄام شورو ٿاڻي تي پهچي پوليس وٽ جمع ڪرائي ويا آهن.0730

شاگرد سڀاءَ ۽ مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي احتجاجي ريلي، نوٽيس جو مطالبو

ڄامشورو:  اقرا شيخ واقعي خلاف سنڌيونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سڀاءَ ،  مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي اڳواڻن مير مزمل ۽ عادل عباسي جي اڳواڻي ۾ ۽ سپاف پاران مراد احمد ۽ درياءُ خان مري جي اڳواڻي ۾ شاگردن زيرو پوائنٽ ۽ آرٽس فيڪلٽي کان الڳ الڳ احتجاجي  ريليون ڪڍي ڪئمپس ۾ گشت ڪيو ۽ نعريبازي ڪندي  زيرو پوائنٽ تي ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  سنڌيونيورسٽي جون هزارين معصوم شاگردياڻيون غيرمحفوظ بڻجي ويون آهن ڪڏهن کين استاد هراسان ڪن ٿا ته ڪڏهن عملو کين پريشان ڪري ٿو هاڻ ته بسن جا ڊرائيور به بگهڙ بڻجي ويا آهن ۽ سوين هزارين نياڻيون  انهن اڻ پرهيل موالي ڊرائيورن جي رحم ڪرم  تي آهن يونيورسٽي انتظاميه سخت ڪارروائي  ڪرڻ بجاءِ ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي اسان جو مطالبو آهي ته ڊرائيور خلاف سخت ترين ڪارروائي  ڪئي وڃي . ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.0730

يوٿ ايڪشن ڪاميٽي وفد جي وي سي سان ملاقات شاگردياڻي کي انصاف ڏيارڻ جو مطالبو

ڄام شورو: يوٿ ايڪشن ڪاميٽي  جي اڳواڻن  سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمز علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ شاگردن جو وفد سنڌيونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت سان  ملاقات ڪري متاثر شاگردياڻي اقرا شيخ  سان انصاف جو مطالبو ڪيو. ڄام شورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب  پهچي صحافين سان ڳالهائيندي يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو  ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌيونيورسٽي، مهراڻ ۽ لمس يونيورسٽي ۾ ٽرانسپورٽ مافيا جو قبضو آهي  هڪڙو ئي ٺيڪيدار نديم آرائين آهي،  جنهن جو قبضو آهي جيڪو يونيورسٽين ۾ پراڻيون ۽ ٽٽل ڦٽل پرائيوٽ پوائنٽ بسون هلرائي ٿو جنهن سبب 5 شاگرد پنهنجون حياتيون وڃائي  ويٺا آهن. هنن چيو ته  پوائنٽ بسن جا اڪثر ڊرائيور موالي آهن جيڪي چرس پي گاڏيون هلائين ٿا، جنهن سبب حادثا پيش اچن ٿا هنن چيو ته شاگردياڻي اقرا شيخ واقعي  جي سخت مذمت ڪيون ٿا  اقرا شيخ کي مسلسل ٽن سالن تائين ڊرائيور حراسان ڪندو رهيو.0730

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.