سلميٰ بروهي ڪيس: جج امتياز ڀٽو کي جزا ڏيڻ جو حڪم

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو)سيوهڻ سول جج امتياز ڀٽو پاران مبينا طور تي زيادتي وارو معملو الزام هيٺ آيل سول جج ۽ جڊيشل ميجسٽريٽ سيوهڻ  امتياز ڀٽو ايڊيشنل سيشن جج ٽو رحمت الله مورو جي عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت کيس پابند ڪيو ته جاچ آفيسر سان تعاون ڪيو وڃي ۽ بيان رڪارڊ ڪرايا وڃن، جنهن بعد سول جج امتياز ڀٽو پنهنجو بيان جاچ ٽيم آڏو رڪارڊ ڪرايو ۽ لڳايل الزامن کي رد ڪيو، جنهن بعد سول جج امتياز ڀٽو جي وڪيل سهيل آرائين ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته فريادي ناري سلميٰ بروهي کي ڪورٽ ۾ گهرائي بيان رڪارڊ ڪرايو وڃي جڏهن ته جاچ آفيسر ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪورٽ سول جج امتياز ڀٽو کي 21 فيبروري تائين ڊي اين اي جا سيمپل ڏيڻ جو پابند ڪيو آهي، جڏهن ته الزام هيٺ آيل سول جج امتياز ڀٽو پاران ليبارٽري تي اعتراض ڪيو ته هن ليبارٽري تي مونکي اعتراض آهي .

جنهن بعد ايڊيشنل سيشن جج پاران کيس چيو ويو ته توهان پاڪستان جي ٻي ڪنهن به سرڪاري ليبارٽري مان ڊي اين اي ڪرايو  جنهن جو خرچ پڻ توهان پاڻ برداشت ڪندا.0730

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.