نيب عدالت ۾ جج مقرر ڇو نه ٿيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران قانون وزارت تي ڪاوڙ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب عدالت ۾ ججن جي کوٽ واري ڪيس ۾ طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي قانون واري وفاقي سيڪريٽري تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ احتساب عدالت ۾ ججن جي مقرريءَ واري معاملي تي ٻڌڻيءَ ڪئي، قانون واري وفاقي وزير جو جوائنٽ سيڪريٽري پيش ٿيو. عدالت پُڇيو ته سيڪريٽري قانون ڪٿي آهي، اسان ته کيس طلب ڪيو هو؟ جوائنٽ سيڪريٽري عدالت کي آگاهي ڏني ته سيڪريٽري قانون هن وقت سُپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، جنهن تي عدالت ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙي ڪيس ۾ سُپريم ڪورٽ ۾ آهي، ڪيس نمبر ٻڌايو؟ عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هاڻي ئي پتو لڳايون ٿا ته سيڪريٽري ڪٿي آهي، جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ڪوڙي نڪتي ته جيل موڪينداسين، ٻڌايو ته هي معاملو ڪڏهن حل ٿيندو؟ ڊپٽي اٽارني جنرل نيب ڪورٽن ۾ ججن جي  مقرريءَ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت گهري ورتي. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي حڪم ڏنو ته توهان لکي ڏيو ته هي معاملو حل نه ٿيو ته توهان جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته احتساب عدالت ۾ ججن جي کوٽ سبب سندس اصيل جو ڪيس نٿو هلي، ججن جي کوٽ سبب اهم ڪيس رولڙي جو شڪار آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.