تنگواڻي ويجهو ڪڻڪ جي فصل مان لاش هٿ، وارثن جو احتجاج

تنگواڻي ( م ڊ )  تنگواڻي ۾ نوجوان جو ڪڻڪ جي فصل مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. ڳوٺ محمد امين سندراڻي ۾ ڪڻڪ جي فصل مان نوجوان اصغر علي عرف برڪت جکراڻي جو تشدد ٿيل لاش ڏسڻ بعد ڳوٺاڻن حد جي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پهچي وارثن  کان سڃاڻپ ڪرائڻ بعد پوليس موبائل  ۾ لاش کڻائي اسپتال پهچايو جتي سهولتن جي کوٽ سبب 8 ڪلاڪن تائين لاش مرده خاني ۾ پيل رهيو. اهڙي عمل خلاف وارثن ذوالفقار جکراڻي، محمد مراد جکراڻي ۽ دلدار جکراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو  جنهن بعد ڊاڪٽرن نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو. هن چيو ته اسان جي نوجوان اصغر علي عرف برڪت جکراڻي تي تشدد ٿيل آهي، جنهن سبب نوجوان جو ڳچي، سيني سميت سڄي جسم تي نشان ظاهر آهن ۽ ڳاٽو ٽٽل آهي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالعليم کوسي ٻڌايو ته نوجوان جي وارثن ڊي اين اي رپورٽ ڪرائڻ جو چيو جنهن جي سهولت اسان وٽ  موجود نه هئي. سومر ڏهاڙي ڊاڪٽرن جي ٽيم گڏيل رپورٽ جاري ڪندي جڏهن ته هن وقت 70 سيڪڙو نوجوان جو موت بجلي ڪرنٽ لڳڻ  ۽ 30 سيڪڙو تشدد سبب نظر اچي رهيو آهي. 04

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.