ضلعي انتظاميا نيا ناظم آباد هائوسنگ اسڪيم غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ضلعي اولهه جي ڊپٽي ڪمشنر فياض سولنگي نيا ناظم آباد هائوسنگ اسڪيم کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو پر هائوسنگ اسڪيم جي اتنظاميا جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ضلعي انتظاميا کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.

ڪراچي ۾ نيا ناظم آباد نالي رهائشي منصوبي تي جعل سازي جو الزام لڳي ويو. ڊپٽي ڪمشنر اولهه فياض سولنگي منصوبي کي غير قانوني قرار ڏيندي اينٽي ڪرپشن کاتي، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو.

خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سيمنٽ فيڪٽري جي لاءِ 1960ع ۾ 1074 ايڪڙ زمين 30 سالن جي ليز تي الاٽ ڪئي وئي جنهن کي هڪ سال کان پوءِ جعل سازي سان 99 سالن جي ليز ۾ تبديل ڪيو ويو.

خط ۾ حوالو ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ 2012 ۾ ان زمين جي وڪري ۽ منتقلي تي پابندي لڳائي هئي پر ان زمين تي نه رڳو رهائشي منصوبو بڻايو ويو پر وڪري ۽ منتقلي جو عمل جاري رهيو.

خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت نيا ناظم آباد رهائشي اسڪيم جي زمين 2013ع ۾ رد ڪئي وئي هئي جڏهن ته 2013ع ۾ اسڪيم جو گهٽ وڌ فارم کاتي سروي اينڊ سيٽلمنٽ ڪينسل ڪري ڇڏيو هو پر نيا ناظم آباد جي انتظاميا هڪ جعل سازي خط جي ذريعي ان کي 2016ع ۾ بحال ظاهر ڪيو جنهن جو به ريڪارڊ موجود نه هو.

خط ۾ پروجيڪٽ جي لاءِ 128 ايڪڙ زمين تي پابندي جي باوجود ليز ڪرڻ جو انڪشاف به ڪيو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر اولهه فياض عالم سولنگي سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائزيشن کان نيا ناظم آباد هائوسنگ اسڪيم جي ليز آرڊر ۽ فيس چالان جي تصديق ڪرڻ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان نيا ناظم آباد هائوسنگ اسڪيم جو لي آئوٽ رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

ٻئي پاسي نيا ناظم آباد انتظاميا ڊي سي ويسٽ جي خطن جي خلاف عدالت پهچي وئي.

درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته بورڊ آف روينيو اڏاوتن جي خلاف غير قانوني ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي آهي، ليز کي غير قانوني طور تي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي به لي آئوٽ پلان رد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، ادارن جي ڪارروائي غير قانوني آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورن ادارن کي نيا ناظم آباد جي خلاف ڪارروائي کان روڪيندي ڌرين کي 27 فيبروري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.