”فضل الرحمان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن کي ڪنهن خاطري ڪرائي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪنهن جي خلاف ڪيس بڻائڻ جو ارادو نٿي رکي، فضل الرحمان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن کي ڪهڙي خاطري ڪرائي وئي هئي.

قومي اسيمبلي ۾وضاحت ڪندي علي محمد خان چيو ته ڌرڻو ڏيڻ هر ڪنهن جو حق آهي، مولانا فضل الرحمان هڪ سال جي لاءِ ڌرڻو ڏيڻ چاهي ته ڀلي ڏئي.

مملڪتي وزير چيو ته اڄ سڄو پارليامينٽ ۽ قوم کي مبارڪ جي مستحق آهي، اڄ ترڪ صدر جهڙي طرح ڳالهيون ڪيون اُها هڪ حڪمت عملي آهي، حڪومت ڪنهن جي خلاف ڪيس بڻائڻ جو ارادو نٿي رکي، گهرو وزير ايوان ۾ ٻڌائيندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڌرڻو هڻڻ هر ڪنهن جو حق آهي، ڪيس جي ڳالهه ان تي سوال ٿي ته ڪنهن غير آئيني طور تي مولانا فضل الرحمان کي خاطري ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.