وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي گڏيل پريس ڪانفرنس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشميرين تي ٿيل ظلم جي خلاف ترڪ صدر طيب اردوان جي مذمتي بيان تي هن جا ٿورا مڃيا  ٿو.

اسلام آباد ۾ ٻنهي ملڪن جي وزيرن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي تقريب کان پوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته 8 لک ڀارتي فوجين لڳ ڀڳ 80 لک ڪشميري ۽ انهن جي اڳواڻن کي محصور ڪري رکيو آهي جنهن کي مواصلات ۽ ٻين بنيادي حقن تائين پهچ حاصل ناهي.

هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي ٿيل صحيحن سان پاڪ ترڪ واپار ۾ نون دورن جو آغاز ٿي ويو.

وزير اعظم عمران خان سياسي حمايت بابت چيو ته اسان ترڪي جي هر عالمي سطح تي مڪمل حمايت ڪندا آهيو ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ انقره اسان جي حمايت ڪئي جنهن تي هن ٿورا مڃيا.

ان کان سواءِ عمران خان چيو ته سياست کان سواءِ ميڊيا جي ذريعي ثقافتي مسئلن جو به مقابلو ڪنداسين ۽ ترڪ فلم انڊسٽري مان فائدو کڻندا.

هن چيو ته ترڪ فلم انڊسٽري جون فلمون ۽ ڊراما مقامي ميڊيا تي نشر ڪيا ويندا جيڪي اسلاموفوبيا جي حوصلا شڪني تي ٻڌل هوندا.

وزير اعظم چيو ته جهڙي طرح صدر طيب اردوان  قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪيو اُهو فخر جوڳو هو.

ان کان سوءِ عمران خان عالمي تڪرار تي پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل موقف هوندو آهي.

وزير اعظم چيو ته ترڪي سياحت سان ساليانو 35 ارب ڪمائيندو ۽ سستا گهر بڻائڻ ۾ تجربو رکندو آهي ان ڪري ٻنهي شعبن ۾ ان مان فائدو کڻنداسين.

ان موقعي تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته ٽي سالن کان پوءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ دلي مسرت آهي ۽ تعليم، مواصلات، صحت ۽ ثقافت سميت ٻين شعبن ۾ سهڪار جي هٿي بابت 13 معاهدا پاڪ ترڪ ويجهن لاڳاپن جو مظهر آهي.

ترڪ صدر چيو ته 2009 ۾ جوڙيل اسٽريٽيجڪ سهڪار ڪونسل پاڪ ترڪ سهڪار ۾ مثالي ڪردار ادا ڪندو.

رجب طيب اردوان پاڪستان کي ٻيون گهر قرار ڏنو.

هن چيو ته ترڪي پاڪستان سان گڏ ڪالهه جيان اڄ به بيٺو آهي ۽ ترڪي ۾ زلزلي ۾ فوت ٿيلن ماڻهن جي تعزيت تي پاڪستاني صدر، وزير اعظم، وزير ۽ قوم جا ٿورائتا آهيون.

ان کان سواءِ ترڪ صدر دهشتگرد تنظيمن جي خلاف قدمن تي وزير اعظم عمران خان سان ٿورا مڃيا.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاع، عسڪري تربيت جي شعبن ۾ سهڪار گهري دوستي جو عڪس آهي.

ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تي انتهائي ڳڻتي ۽ عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

هن چيو ته خطي ۾ امن جي لاءِ استحڪام جي لاءِ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جو ڪردار فخر جوڳو آهي.

ان کان اڳ وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪي صدر رجب طيب اردوان جي گڏيل ڪانفرنس کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ٿي.

ٽي وي، ريڊيو، سياحت، ثقافت، خوراڪ، واپار ۾ سهولتڪاري، پوسٽل سروسز، ريلوي ۽ عسڪري تربيت سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي لاڳاپيل وزارتن جي وزيرن صحيحون ڪيون.

ان کان سواءِ وزير اعظم عمران خان ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان پاڪ ترڪ اڪنامڪ فريم ورڪ بابت گڏيل پڌرائي تي صحيح ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.