”فضل الرحمان ۽ خواجا آصف تي غداري جو ڪيس حڪومت جي ننڍي سوچ هوندي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻڌو آهي ته حڪومت فضل الرحمان ۽ خواجا آصف جي خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙا ڪيس ڪيا ويا ته اِها حڪومت جي ننڍي سوچ هوندي.

وزير اعظم عمران خان صحافين کي انٽرويو ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تي غداري جو ڪس هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن جو اڳواڻ خواجا آصف به گذريل ڏينهن چئي چڪو آهي ته حڪومت طرفان هن جي خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ جي تياري ٿي رهي آهي.

انهيءَ معاملي تي قومي اسيمبلي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌو آهي ته حڪومت فضل الرحمان ۽ خواجا آصف جي خلاف غداري جو ڪيس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سياسي ورڪرز ۽ سياسي قيادت جي خلاف غداري جو ڪيس ڪهڙي طرح بڻايو پيو وڃي؟ اهڙا ڪيس ڪيا ويا ته هي اِها حڪومت جي ننڍي سوچ هوندي.

هن وڌيڪ چيو ته ڇا حڪومت سياسي قيادت کي غداري جي ڀيٽ ۾ سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي؟ ڪنهن بهاني انهن اڳواڻن جي خلاف غداري جو ڪيس بڻايا پيا وڃن؟

ان کان سواءِ ليگي اڳواڻ خواجا آصف جو قومي اسيمبلي کي خطاب ۾ چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهي، هاڻ ڪيئن بيان ڏئي رهيو آهي؟

هن چيو ته عمران خان 126 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو، مولانا فضل الرحمان 10 يا 12 ڏينهن جو ڌرڻو هنيو ۽ هن جو ڌرڻو پرامن به هو.

خواجا آصف جو چوڻ هو ته عمران خان هن رياست سان ڇا ٿي ڪرڻ چاهي، اِهو حڪومت رڙيون بند ڪندي ته خبر پئجي ويندي، احسان الله احسان ۽ رائو انوار کليل نموني گهمن ڦرن پيا پر سياسي قيادت کي قيد ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.