لاهور ۾ عمارت ڪِرڻ سبب 4 ڄڻا فوت

لاهور(ويب ڊيسڪ) شفيق آباد ٿاڻي جي ڀرسان پراڻي عمارت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

لاهور جي علائقي شفيق آباد جي ڀرسان عمارت ڪِرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، واقعي کان پوءِ ريسڪيو ٽيمن حادثي واري جاءِ تي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو.

ريسڪيو ذريعن موجب عمارت پراڻي هئي جنهن جي نئين اڏاوت جاري هئي پر عمارت جي ملبي هيٺان ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻيل هجڻ جو خدشو آهي، فوت ٿيلن جي سڃاڻپ خضر حيات، عبدالرشيد ۽ ابو هريره جي نالن سان ٿي جڏهن ته امدادي ڪارروائيون هن وقت تائين جاري آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.