مهانگائي ۾ هلنلدڙ مهيني کان گهٽتائي اچڻ شرع ٿي ويندي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مهانگائي جي دٻاءَ ۾ هلندڙ مهيني کان گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي.

تفصيل موجب منصوبابندي واري وفاقي زير اسد عمر جي صدارت هيٺ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۾ ضابطي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ قيمتن جي وڌندڙ بحران تي جلد ضابطو آڻڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو.

اسد عمر چيو ته خوراڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، 18 ضروري شين جي قيمتن جي نگراني جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته وزير اعظم جي ترجيح خوراڪ جون شيون مناسب اگهن تي فراهم ڪرڻ آهي، ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سفارشون ڏنيون وينديون.

منصوبابندي واري وفاقي وزير چيو ته سرڪاري شعبي کي اسٽاڪس مان ڪڻڪ جي باقاعده فراهمي برقرار رکي وڃي، يوٽيلٽي اسٽورز جي مينجنگ ڊائريڪٽر کي دالين جي قيمتن جي ڇنڊ ڇاڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

اسد عمر بصر ۽ پٽاٽي جي واپاري جي صورتحال تي ڪرڙي نظر رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته هاڻ نمايان گهٽتائي سامهون ايندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.