ريڪوڊڪ جي سون بابت وزير اعظم جي بيان تي مهملي واري رٿ جمع

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ وزير اعظم عمران خان طرفان ريڪوڊڪ جو سون وڪڻي پرڏيهي قرض لاهڻ جي بيان تي مهملي واري رٿ جمع ڪرائي وئي.

نيشنل پارٽ  جي سينيٽر مير ڪبير سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ڄاڻايل  مهملي واري رٿ جمع ڪرائي ۽ چيو ته وزير اعظم جي بيان جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي.

هن چيو ته ريڪوڊڪ، بلوچستان جي عوام جي ملڪيت آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ڪو به اختيار ناهي جو هو ريڪوڊڪ جا ذخيرا وڪڻي ملڪ جو قرض لاهي.

مير ڪبير مطالبو ڪيو ته وزير اعظم عمران خان جي بيان تي سينيٽ ۾ بحث ڪرايو وڃي.

ان کان سواءِ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيل سينيٽ اجلاس ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته ڪجهه ڏينهن پهرين وفاقي وزير فواد چوڌري هڪ بيان ۾ چيو هو ته مولانا فضل الرحمان کي آرٽيڪل 6 جي تحت گرفتار ڪرڻ گهرجي.

 هن چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو ته وزير اعظم به چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان تي آرٽيڪل 6 لاڳو ٿئي ٿو، جيڪڏهن وزير اعظم اِها ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ آرٽيڪل 6 لاڳو ٿيڻ گهرجي، رنڊڪ ڪهڙي آهي؟

مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته هي تاريخي قدم به کڻن، ماضي ۾ اهڙي قسم جا ڪيس بڻيا، پرويز مشرف اسان تي بغاوت جا ڪيس بڻايا هئا، اڄ پرويز مشرف ڪٿي آهي؟

بعد ۾ سينيٽ ۾ شبلي فراز مولانا عبدالغفور حيدري جي بيان جي جواب ۾ چيو ته مولانا فضل الرحمان ڌرڻي بابت هڪ معاهدي جي ڳالهه ڪئي هئي، ٻڌايو وڃي ته انهن کي ڪهڙي خاطري ڪرائي وئي هئي، ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي ۽ ڪنهن ڪرائي هئي؟

هن چيو ته توهان ان ڳالهه کي هوا ڏئي رهيا آهيو ته غير جمهوري طريقي سان حڪومتون بڻجنديون آهن، ان معاملي تي وضاحت ڏيڻ ضروري آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽر روبينا خالد ڊيجيٽل ميڊيا بابت نئين قانون جو معاملو به کنيو ۽ چيو ته سينيٽ ڪميٽي ۾ نوان رولز پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي هئي.

هن چيو ته وزارت طرفان واعدو ڪيو ويو هو ته رولز ڪميٽي ۾ پيش ڪيا ويندا، چيو ويو هو ته قانون ڪابينا ۾ کڻي وڃڻ کان اڳ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويندو پر ائين ناهي ڪيو ويو.

سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر اٽي ۽ کنڊ جي بحران تي جاچ رپورٽ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي سينيٽ چيئرمين جاچ رپورٽ 17 فيبروري تي ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو ته مهانگائي عام ماڻهو جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ ۾ جيڪا گڙٻڙ ٿي ان تي چيو ويو مافيا کي نه ڇڏينداسين.

هن چيو ته وفاقي جاچ اداري حڪومت کي ان معاملي تي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي، رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي.

راجا ظفر الحق چيو ته مولانا فضل الرحمان جو جيستائين معاملو آهي، ائين محسوس ٿو ٿئي ته حڪومت اهڙي طريقي سان هلي رهي آهي ته آرٽيڪل 6 جي ڳالهه پهرين هڪ وزير ۽ پوءِ وزير اعظم به ڳالهه ڪئي.

ان موقعي تي مشاهد الله چيو ته ناڻي وارو وزير به اهڙو لڳايو آهي جيڪو عجيب بيان ڏيندو آهي ٽماٽا 3 سئو رپيا ڪلو هئا هن چيو ته 17 رپيا ڪلو آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.