اسلام آباد ۾ ترڪ خاتون اول جو تقريب کي خطاب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجيب طيب اردوان جيان هن جي گهرواري ۽ ترڪ خاتون اول امينه اردوان به چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان بيٺل رهيا آهن.

واضح رهي ته ترڪ صدر رجيب طيب اردوان ۽ سندس گهرواري گذريل ڏينهن پاڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتا هئا.

ان کان سواءِ هن جي گهرواري اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل ڪونسل آف آرٽس ۾ ٿيليسيميا جي مريضن جي وارثن ۾سلائي مشينن جي ورڇ واري تقريب کي خطاب ڪيو.

ان موقعي تي پاڪستان جي خاتون اول سمينه علوي، مينجنگ ڊائريڪٽر بيت المال عون عباس پبي ۽ چيئرپرسن احساس پروگرام ڊاڪٽر ثانيه نشتر به موجود هيون.

امينه اردوان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سماجي بهبود جي منصوبن ۾ ترڪي هميشه سڀني کان اڳتي رهيو آهي.

هن چيو ته ڪنهن به معاشري جو مستقبل صحت ۽ تندرستي سان سڌو سنئون سلهاڙيل هوندو آهي، گڏوگڏ ئي اِها اميد ظاهر ڪئي ته ڪو ٻار بيمارين ۾ مبتلا نه ٿيندو جيڪا هن جي سڄي حياتي متاثر ڪري.

ترڪ خاتون اول جو چوڻ هو ته ڪو معاشرو پنهنجي عورتن کي بااختيار بڻائڻ کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي.

گڏوگڏ ئي هن مهمان نوازي پاڪستان جي عوام ۽ اختيارين جا ٿورا مڃيا جڏهن ته هن خطاب کان پوءِ سلائي مشينون به ورهايون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.