سراج الحق جو 20 فيبروري کان مهانگائي خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مهانگائي سان ملڪ جو ڏيوالو ۽ تبديلي جو نعرو قبر جي سڪون تي دفن ٿي ويو. هن اعلان ڪيو ته 20 فيبروري کان مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج شروع پيا ڪيون.

سينيٽر سراج الحق نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سامهون مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خلاف مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته حڪوم عوام کي سبسڊي نه پر ڌوکو ڏئي رهي آهي. ڊاڪٽر، مريض، هاري، مزدور، استاد، شاگرد ۽ ملازم سڀ پريشان آهن. موجوده حڪومت جي اچڻ کان پوءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام سخت معاشي بحران جو شڪار آهي.

هن چيو ته پاڪستانين جي لاءِ هاڻ پيئڻ جو پاڻي به ڏکي ٿي ويو آهي. حڪومت نعرن ۽ اعلانن تائين محدود آهي. حڪومت آءِ ايم ايف سان ڪيل سمورا معاهدا رد ڪري. حڪومت ملڪ جي جمع پونجي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري رهي آهي. ماڻهو مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي آپگهات پيا ڪن جڏهن ته ماڻهو ڪڻڪ، اٽي، کنڊ ۽ دالين جي لاءِ لائنن ۾ لڳل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.