پاڪستان مان ٽيڪسٽائل جو وفد جلد ترڪي جو دورو ڪندو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) واپار بابت وزير اعظم عمران خان جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو آهي ته پاڪستان مان ٽيڪسٽائل جو وفد جلد ترڪي جو دورو ڪندو.

تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي واپاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته ترڪ مهمانن کي انهن جي ٻي گهر ۾ ڀليڪار چئون ٿا.

عبدالرزاق دائود جو چوڻ هو ته اسان جي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن اسٽريٽيجڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ترڪ بزنس فورم جو 2 ڏينهن کان اجلاس جاري هو، سياحت، کوٽائي، واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي تي ڳالهيون ٿيون.

واپار واري صلاحڪار چيو ته ترڪ بزنس ڪميونٽي کي پاڪ چين جوائنٽ ونچرز ۾ ڀليڪار چئون ٿا، ٻنهي ملڪن اسٽريٽيجڪ فريم ورڪ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جلد پاڪستان مان ٽيڪسٽائل وفد ترڪي جو دورو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.