رجب طيب اردوان سڀ کان مقبول مسلمان حڪمران…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سياستدانن جي مقبوليت سميت ٻين سياسي ۽ سماجي مسئلن تي سروي ڪندڙ عالمي اداري ”گيلپ انٽرنيشنل“ جي هڪ سروي موجب ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سڀني کان مقبول مسلمان حڪمران آهن.

گيلپ سروي آف پاڪستان ۽ گيلپ انٽرنشنل جي گڏيل سروي موجب ترڪ صدر رجب طيب اردوان جتي سڀ کان مقبول مسلمان حڪمران آهن، اُتي ئي دنيا جو به پنجون مقبول ترين اڳواڻ آهي.

ڄاڻايل سروي نومبر کان ڊسمبر 2019ع دوران پاڪستان سميت دنيا جي 50 ملڪن ۾ ڪرايو ويو هو ۽ ان دوران 50 هزار کان وڌيڪ مرد ۽ عورتن کان راءِ ورتي وئي هئي.

دنيا جي 50 ملڪن مان لڳ ڀڳ هر هڪ ملڪ مان هڪ هزار مرد ۽ عورتون کان سڌو سنئون يا آن لائن سروي ڪيو ويو هو ۽ ماڻهن کان عالمي حڪمرانن بابت راءِ ورتي وئي هئي.

گيلپ سروي آف پاڪستان طرفان ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي 13 کان 14 فيبروري تائين جي 2 ڏينهن واري پاڪستاني دوري تي جاري ڪئي وئي سروي رپورٽ موجب ترڪ صدر ۽ اسلامي حڪمرانن ۾ مقبوليت جا سڀ کان وڌيڪ نمبر يعني 30 سيڪڙو حاصل ڪيا.

فهرست موجب رجب طيب اردوان کان پوءِ ٻئي نمبر تي 25 سيڪڙو نمبرن سان سعودي عرب جو بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جڏهن ته ٽئين نمبر تي ايراني صدر حسن روحاني آهي جنهن 21 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.

دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته جتي رجب طيب اردوان سڀ کان مقبول مسلمان حڪمران آهي اُتي ئي جرمن چانسلر، فرانسيسي صدر، آمريڪي ۽ روسي صدر کان پوءِ پنجين نمبر تي مقبول اڳواڻ آهن.

 دنيا جي سڀ کان مقبول حڪمرانن جو اعزاز جرمن چانسلر اينجلا مرڪل کي حاصل ٿيو جنهن سڀ کان وڌيڪ يعني 45 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا.

مقبوليت جي حوالي سان فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪخوان ٻئي، روسي صدر ولادي مير پيوٽن ٽئين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چوٿين جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان پنجين نمبر تي آهي.

عالمي سطح تي سڀ کان وڌيڪ مقبول 12 حڪمرانن ۾ ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي اٺين نمبر تي آهي ۽ هو عالمي سطح تي سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز، ايراني صدر، برازيلي صدر ۽ اسرائيلي وزير اعظم بنجمن نيتن ياهو کان اڳتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.