ڪراچي جي 313 مزارن ۽ درگاهن جي حفاظتي لاءِ رڳو 58 پوليس اهلڪار مقرر…!

ڪراچي(ويب ڊسيڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مزارن جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس پنهنجي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

 سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس سيد يوسف علي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .

عدالت ۾ پوليس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ درخواست گذار جي خدشن درست قرار ڏنو آهي .

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي 313مزارن ۽ درگاهن جي حفاظت جي لاءِ صرف 58 پوليس اهلڪارمقررآهي .جڏهن ته 131مزارن ۽ درگاهن تي ڪابه پوليس اهلڪار مقررهي نه آهي .

ڊسٽرڪٽ ايسٽ جي 29، ملير جي41 ۽ ڪورنگي جي 61مزارن تي ڪو به پوليس اهلڪار موجود نه آهي .

پوليس رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي هڪ شفٽ ۾ 8 کان 10 پوليس اهلڪار مقرر آهن.

رپورٽ چيو ويو آهي ته سائوٿ ۾ 13، سينٽرل ۾45، سٽي ۾ 53 ۽ ويسٽ ۾ 71مزارون ۽ درگاهون آهن .

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 313مزارن تي 2 اي ايس آءِ، 15 پوليس ڪانسٽيل ۽ 41 ليڊي ڪانسٽيل مقرر آهن.

عدالت درخواست گذار کي رپورٽ پڙهي جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .

درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته رڳو عبدالله شاهه غازي جي مزار کان سواءِ ڪنهن به درگاهه ته سيڪيورٽي نه آهي جڏهن ته اهڙي عمل سان ڪو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.