ڪراچي جي مسجدن ۽ مزارن جا بجلي بل ڪروڙن تائين وڃي پهتا، نوٽيس جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود مزارن کي بلن سميت بجلي ڪاٽن جا نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا.

تفصيل موجب ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ مزارن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته بل ادا نه ڪيا ويا ته بجلي ڪاٽي ويندي.

سنڌ جي اوقاف کاتي جي غفلت جي ڪري مزارن ۽ مسجدن جي بجلي جا بل ڪروڙين رپين تائين وڃي پهتا آهن، کاتي ڪي اليڪٽرڪ کي 4 ڪروڙ 43 لک رپين جي ادائيگي ناهي ڪئي، مزارن ۽ مسجدن جا بل 5 سالن کان ادا ناهن ڪيا ويا، مزارن جي بلن جي عدم ادائيگي، ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي خلاف گلوبل فائونڊيشن عدالت سان رابطو به ڪيو آهي.

جن مزارن تي بل رهيل آهن انهن ۾ منگهو پير، درگاهه قطب عالم شاهه بخاري، عبدالله شاهه غازي، نوري شاهه مزار، غائب شاهه غازي، ميران داتا، درگاهه محمود شاهه بخاري، زندهه شاهه مزار، ڇٽڻ شاهه مزار، نور شاهه غازي سٺي قبر، سيد سلطان شاهه بخاري، محمد شهاه دولها سبزواري، سيد جمال شاهه بخاري، مستان شاهه، احمد شاهه بخاري ۽ ٻيون شامل آهن.

مسجدن ۾ محمدي مسجد گلبار، جامع مسجد حجازي، جامع مسجد راشديه نيو ڪراچي، صديق اڪبر مسجد تيسر ٽائون، جامع مسجد عثمان غني تيسر ٽائون، جامع مسجد معمور خالد بن وليد روڊ، جامع مسجد قبا تيسر ٽائون، جامع مسجد عربي شهدي لياري، کهتري مسجد جونا مارڪيٽ، مسجد فاروق اعظم تيسر ٽائون، جامع مسجد خلفائي راشدين سائٽ ايريا، جامع مسجد ناظم آباد، جامع مسجد طيبه پي اي سي ايڇ ايس، جامع مسجد غوثيه لياقت آباد، مسجد طيبه نادره آفيس، جامع مسجد آرام باغ ۽ جامع مسجد کجور بازا شامل آهن.

منگهو پير درگاهه جو بل 1 ڪروڙ 22 لک 26 هزار رپيا، درگاهه قطب عام شاهه بخاري ايم اي جناح روڊ جو بل 42 لک 9 هزار، حضرت عبدالله شاهه غازي ڪلفٽن جو بل 54 لک 79 هزار، حضرت نوري شاهه مزار تين هٽي جو بل 23 لک 55 هزار، حضرت غائب شاهه غازي ڪيماڙي مزار جو بل 23 لک 60 هزار، ميران داتا مزار نشتر روڊ جو بل 21 لک 16 هزار، درگاهه محمود شاهه بخاري مزار فيڊرل بي ايريا جو بل 12 لک 39 هزار، درگاهه زندهه شاهه مزار اڪبر روڊ صدر جو بل 9 لک 65 هزار، درگاهه ڇٽڻ شاهه مزار کارادر جو بل 3 لک 18 هزار، درگاهه نور شاهه غازي سٺي قبر کارادر جو بل 3 لک 15 هزار، درگاهه سيد سلطان شاهه بخاري ڪالا پل جو بل 4 لک 13 هزار، درگاهه محمد شاهه دولها سبزواري کارادر جو بل 4 لک 4 هزار، سيد جمال شاهه بخاري مزار کارادر جو بل 1 لک 20 هزار، درگاهه مستان شاهه مزار گاڏي کاتي جو بل 1 لک 59 هزار، درگاهه احمد شاهه بخاري مزار ڀيم پوره جو بل 1 لک 19 هزار رپيا آهي.

محمد مسجد گلبار جو بل 33 لک 79 هزار رپيا، جامع مسجد حجازي بريگيڊ پوليس اسٽيشن جو بل 13 لک 96 هزار، جامع مسجد راشديه نيو ڪراچي 8 لک 29 هزار، صديق اڪبر مسجد تيسر ٽائون جو بل 7 لک 6 هزار، جامع مسجد عثمان غني تيسر ٽائون جو بل 6 لک 40 هزار، جامع مسجد معمور خالد بن وليد روڊ جو بل 10 لک 72 هزار، جامع مسجد قبا تيسر ٽائون جو بل 5 لک 71 هزار، جامع مسجد عربي شهدي لياري جو بل 7 لک 21 هزار، کتري مسجد جونا مارڪيٽ جو بل 6 لک 48 هزار، مسجد فاروق اعظم تيسر ٽائون جو بل 4 لک 11 هزار، جامع مسجد خلفائي راشدين سائيٽ ايريا جو بل 4 لک 7 هزار، جامع مسجد ناظم آباد جو بل 4 لک 37 هزار، جامع مسجد طيبه پي اي سي ايڇ ايس جو بل 4 لک 43 هزار، جامع مسجد غوثيه لياقت آباد جو بل 3 لک 29 هزار، مسجد طيبه نادرا آفيس جو بل 1 لک 32 هزار، جامع مسجد آرام باغ جو بل 2 لک 89 هزار، جامع مسجد کجور بازار جو بل 97 هزار رپيا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.