سکر: فليٽ ۾ باهه سبب ٻارن سميت 4 ڄڻا فوت

سکر(ويب ڊيسڪ) سکر جي علائقي غريب آباد ۾ چار ماڙ عمارت ۾ موجود فليٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سکر جي علائقي غريب آباد ۾ موجود عمارت جي دڪانن ۾ باهه جي ڪري فليٽ ۾ موجود 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن ۾ پيءُ ۽ 2 ٻار شامل آهن، زخمين ۽ لاش کي فور طور سول اسپتال اماڻيو ويو، شروعاتي جاچ موجب فليٽ جي هيٺيان ٺهيل دڪانن ۾ باهه لڳي هئي جنهن پهرين ماڙ تي موجود فليٽ کي به وڪوڙي ڇڏيو هو.

رپورٽن موجب دڪانن ۾ لڳل باهه جو دونهون هن جي مٿان ٺهيل فليٽ ۾ ڀرجي ويو هو، جنهن جي ڪري فليٽ ۾ موجود محمد جوايد ۽ هن جا ٻه پٽ محمد عليان ۽ محمد عمر ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري فوت ٿي ويا، دونهين جي ڪري حيدر علي به ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

ريسڪيو موجب باهه جي ڪري زخمي ٿيلن ۾ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا شامل آهن، واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ادارن موقعي تي پهچي ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو جڏهن ته زخمين جي حالت نازڪ پئي ٻڌائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.