اسٽيڊنگ ڪميٽي ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽيڊنگ ڪميٽي ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

چيئرمين جاويد عباسي جي سربراهي هيٺ اجلاس ۾ رضا رباني جي آئيين ترميمي بل 2018ع تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 1973ع جي آئين ۾ شهري، ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن جي لاءِ 60 ۽ 40 سيڪڙو ڪوٽا 60 سالن جي وڌائي وڃي.

قانون واري سيڪٽري ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪوٽا سسٽم بحال ڪرڻ جي ضرورت ناهي، بل جي مخالفت ڪيون ٿا، 10 سيٽن مان ميرٽ جي رڳو هڪ سيٽ آهي، ميرٽ ختم ٿي رهي آهي، ڪوٽا سسٽم سان علائقن کي نمائندگي ملي ويندي آهي پر سٺو ذهن ۽ ميرٽ ختم ٿي رهي آهي، 1973ع جي آئين ۾ ڪوٽا 10 سالن جي لاءِ بڻائي وئي جنهن کي ٻيون ڀيرو 20 ۽ ٽيون ڀيرو 40 سال ڪيو ويو پر مقصد حاصل ناهن ٿي سگهيا.

اسلامي شريعت عدالت به ڪوٽا سسٽم کي غير اسلامي قرار ڏنو، مظفر حسين شاهه چيو ته حڪومتن جي نااهلي سان پٺتي پيل علائقن کي ٻين جي برابر نه آندو وڃي، بلوچستان، فاٽا ۽ پٺتي پيل پنجاب جا ماڻهو ڪراچي، پشاور ۽ لاهور جي ماڻهن جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ان ڪري وڌيڪ 60 سالن تائين جي واڌ ڏني وڃي، جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته ڪوٽا کي گذرئي 40 سال ٿي ويا.

سراج الحق چيو ته ترقي يافته علائقن جا ماڻهو ٻين علائقن کان گهٽ ذهين ناهن، اهڙو پيدا ڪيو وڃي، جنهن ۾ سڀني کي گڏ جهڙو ملي سگهي، ڪميٽي عتيق شيخ طرفان انساني عضون جي پيوندڪاري جو ترميم بل 2019ع منظور ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.