چين ۾ ڦاٿل شاگردن جو معاملو: عدالت جو والدين جي سهولت لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي وزارت کي چين ۾ ڦاٿل شاگردن جي والدين کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪورونا وائرس جي پکيڙجڻ کان پوءِ چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪجهه شاگرد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان اي ميل جي ذريعي رابطو ڪيو آهي.

شاگردن جي والدين عدالت ۾ چيو ته 24 ملڪن پنهنجن شهرين ۽ شاگردن کي چين مان ڪڍيو آهي، پر پاڪستاني جو ڪو به وزير يا صلاحڪار هن وقت تائين چين ناهن ويا، اسان ٻار ڪمرن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن، خبر ناهي انهن کي ڪٿي رکيو ويو آهي، يونيورسٽي وطن واپسي جا ليٽر ڏئي ڇڏيا پر پاڪستاني حڪومت ٻارن کي واپس نه پئي آڻي، جهڙي قسم جي خوراڪ هو چاهن اُها هنن کي نه پئي ڏني وڃي، هو ڏکيائي ۾ آهن، ڇا اپريل تائين اُتي ڦاٿل رهندا، جيڪڏهن انهن سان ڪجهه ٿي ويو ته ڪير ذميوار هوندو، ٻارن کي چين مان واپس آڻن جي لاءِ حڪومت ڏئي حڪم ڏنو وڃي.

پرڏيهي کاتي جي اختيارين چيو ته اسان ميڪنزم بڻائي رهيا آهيو ته روزاني منجهند 12 وڳي اسان ملاقات ڪنداسين، 620 شاگرد هڪ جاءِ ۽ 1094 شاگرد ووهان ۾ موجود آهن، هر روز اسان چيني سفير سان ملاقات ڪري قدم کڻي رهيا آهيون، چين ۾ ان مرض جا 64 هزار مريض ٿي چڪا آهن جنهن جي ڪري خوف آهي، پاڪستان ۾ هن وقت تائين 24 هزار مسافر اچي چڪا آهن پر ووهان مان ڪير به ناهي آيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اِها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته باقي ملڪ شاگردن کي ڪڍي رهيا آهن، ڇا اسان ۾ اهليت ناهي، پاليسي جي معاملن ۾ اسان مداخلت نه ڪنداسين، گهٽ ۾ گهٽ اِهو ڪري سگهون ٿا ته شاگرد ڊائريڪٽ رياست سان رابطو ڪري سگهن، حتمي فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي.

پرڏيهي کاتي جي اختيارين خاطري ڏياري يهت اسان هر شاگرد سان رابطو ڪنداسين، ٻه پاڪستاني آفيسر ووهان پهچي چڪا آهن ۽ اُتي ئي رهندا.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته وزير اعظم ۽ ڪابينا ان حوالي سان قدم کڻي رهي آهي، 20 ڪروڙ پاڪستاني هتي آهن انهن جي حفاظت به ضروري آهي، رياست چئي رهي آهي ته ٻار اسان جا آهن هر لحاظ سان حفاظت ڪئي ويندي.

عدالت پرڏيهي وزارت کي فوري طور ٻارن جي والدين کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ ميڪنزم بڻائڻ سميت سمنڊر پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي بخاري کي شاگردن سان والدين جي ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت پرڏيهي وزارت کي هيلپ لائن جي لاءِ موبائل فون، اي ميل، واٽس ايپ پبلڪ ڪرڻ سميت فوري طور تي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.