رجب طيب اردوان پاڪ ترڪ واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ پرعزم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ترڪ واپاري ڀائرن کي پاڪستان ۾ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اسان جي حڪومت انتهائي واپار دوست آهي ۽ ترڪي سان واپاري لاڳاپن کي هٿي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي.

عمران خان اسلام آباد ۾ پاڪ ترڪ بزنس فورم کي خطاب جي آغاز ۾ چيو ته اڄ پاڪستاني پارليامينٽ ۾ رجب طيب اردوان جي خطاب کان پوءِ آئون يقين سان چئي سگهان ٿو ته هي پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊ کٽي سگهي ٿو.

هن چيو ته مون حڪومت حڪومتي بينچز کي بينچون وڌائيندي ڏٺو آهي پر اڄ تائين مخالف ڌر بينجن جي ميمبرن کي ڊيسڪ وڄائي تقرير کي ساراهيندي ڪڏهن به ناهي ڏٺو جنهن جو موقعو مون کي اڄ مليو.

وزير اعظم چيو ته اِهو عمل ثابت ڪري ٿو ته مسلم دنيا جي مسئلن جي حل لاءِ توهان طرفان ڪيل بندوبستن جي ڪري پاڪستان جو عوام سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي توهان کي ڪيترو پسند ڪري ٿو.

سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت ترڪي سان واپاري لاڳاپن کي هٿي جي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي، اسان پاڪستان ۽ ترڪي جي واپاري ڀائرن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون جيئن هو سيڙپڪاري ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل منصوبن تي ڪم ڪري سگهن.

هن چيو ته اسان خاص طور تي ترڪ واپاري ڀائرن کي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا، مون ڪيترائي ڀيرا سياح طور ترڪي جو دورو ڪيو ۽ جهڙي طرح سياحتي صنعت ترقي ڪئي ته پاڪستان ان مان ڪجهه سکي سگهي ٿو.

عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين سياحت تي ڪم ناهي ڪيو ويو پر دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي سياحتي انڊسٽري بي پناهه صلاحيت تي ٻڌل آهي ۽ تازو ئي آمريڪا جي هڪ صف اول جي ميگزين پاڪستان کي 2020 ۾ سياحت جي لاءِ صف اول جو مقام قرار ڏنو آهي.

هن چيو ته سياحتي صنعت جي ترقي جي لاءِ اسان وٽ انفرااسٽريڪچر جي گهٽتائي آهي ۽ ترڪي تاريخي ۽ ساحلي ماڳن جي سياحت ۾ ڏاڍي ترقي ڪري چڪو آهي ۽ اسان چاهيون ٿا ته ترڪي ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري.

سندس چوڻ هو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ به اسان ترڪي کان گهڻو سکي سگهون ٿا جڏهن ته اسان وٽ دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي نوجوان آبادي آهي ۽ اسان ان شعبي ۾ به سيڙپڪاري جا خواهشمند آهيون.

وزير اعظم خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سرنگهه کوٽائي جي شعبي ۾ به ڳري سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا آهن جنهن تي تائين ڌيان نه ڏنو ويو هو، ترڪي جي سرنگهه کوٽائي جي صنعت اسان جي ڀيٽ ۾ انتهائي جديد آهي ان ڪري اسان ان شعبي ۾ به ترڪي کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا.

عمران خان چيو ته زراعت جي شعبي ۾ به ترڪي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ڇو ته هن جي پيداواري صلاحيت پاڪستان کان وڌيڪ آهي، اسان وٽ دنيا جون بهترين زرخيز زمينون آهن پر اسان پنهنجي پاڻي کي صحيح طريقي سان استعمال ناهيون ڪندا ۽ اسان ان سلسلي ۾ به چين سان ٽيڪنڪ سکي سگهون ٿا.

هن چيو ته ترڪي جنهن به شعبي ۾ اسان جي مدد ڪرڻ چاهيا، اسان هن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي ڀليڪار چئون ٿا ۽ حڪومت ان سلسلي ۾ هنن کي سهولتون فراهم ڪندي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي حڪومت انتهائي واپار دوست آهي ۽ هيءَ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ واپار دوست حڪومت ثابت ٿيندي ۽ اسان ڪاروباري آسانين جي لاءِ عالمي درجا بندي ۾ هڪ سال ۾ 28 درجا بهتري حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ واپاري برادري جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

رجب طيب اردوان:

ترڪ صدر پنهنجي تقرير جي آغاز ۾ ٻن ڏينهن جي پاڪستان جي دوري ۾ شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته ڪالهه منهنجي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ٿي ۽ اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب جو موقعو به مليو.

هن چيو ته اسان نون واپارن جي لاءِ دروازا کولڻ جي لاءِ پراميد آهيون، اسان پاڪستان ۽ ترڪي جي سياسي لاڳاپن جيان واپاري لاڳاپن کي به هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.

سندس چوڻ هو ته هن وقت اسان جي وچ ۾ 8 ملين ڊالر جو واپار ٿي رهيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ قابل قبول ناهي، اسان جي گڏيل آبادي ٽي ارب کان وڌيڪ آهي ان ڪري اسنا کي واپار کي ان مقام تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي جنهن جا اسان مستحق آهيون.

اردوان چيو ته ترڪي ۾ پاڪستاني سيڙپ تي ٻڌل 158 ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، اسان ان طرح جون وڌيڪ ڪمپنيون ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، هن وقت اسان وٽ هڪ ماڊل موجود آهي جنهن جي تحت اسان ڪجهه شرطن جي تحت سيڙپڪارن کي ترڪ شهريت جي آڇ ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته پاڪستاني واپارين کي سيڙپڪاري جي آڇ ڪندي چيو ته آئون پاڪستاني ڀائرن کي دعوت ڏيان ٿو ته هو ترڪ معيشت تي اعتماد رکن، اسان دنيا جي 20 بهترين معيشتن مان هڪ آهيون.

ترڪ صدر ٻڌايو ته اسان تي 72 سيڪڙو عوامي قرض هو جيڪو اسان 30 سيڪڙو تائين کڻي آياسين، معاشي جاسوسي ۽ خطي جي صورتحال سميت سمورن چيلنجن جي باوجود اسان ترقي ڪري رهيا آهيون.

هن موجوده حڪومت طرفان ڪيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته واپاري برادري کي سهولتن جي فراهم جي لاءِ پاڪستاني حڪومت قدم کڻي رهي آهي ۽ منهنجي ڀاءُ عمران خان جي قيادت هيٺ سٺو ماحول فراهم ڪري رهي آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان ۾ بي پناهه صلاحيت موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.