آءِ ايم ايف جو پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائي جو اعتراف

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو آهي.

واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جيري رائس چيو ته آءِ ايم ايف جو اسٽاف مشن پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن.

هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي تحت پاڪستاني معيشت جو ٻيون جائزو ورتو پيو وڃي ۽ آرٽيڪل فائيو جي تحت معاشي صحت تي تفصيلي ڳالهيون به جاري آهن.

ٻئي پاسي پاڪستاني ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ڳالهيون اڄ ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ جا امڪان آهن، آءِ ايم ايف جو پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۾ اڳڀرائي جو اعتراف ڪري ٿو.

هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان بجلي ۽ گيس جي اگهن ۽ گردشي قرض جي معاملي تي سخت بحث ٿيو آهي، گڏوگڏ ئي سرڪاري ادارن کي خانگائڻ سميت نان ٽيڪس روينيو  وڌائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چُوڻ آهي ته روينيو ۽ ترسيلات زر ۾ به واڌ ٿي رهي آهي پر آءِ ايم ايف پاڪستاني اختيارين سان ڳالهين ۾ ٽيڪس روينيو وڌائڻ تي به زور ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.