عاشق سان گڏجي مڙس کي قتل ڪندڙ زال کي موت جي سزا جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) محبوب سان گڏجي مڙس کي قتل ڪندڙ زال کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

تفصيل موجب ڏکڻ ڏکڻ جي ماڊل ڪورٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪامران عطا سومرو قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار عائشه ۽ هن جي عاشق رضا علي شاهه گيلاني کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا جو حڪم ڏنو.

عدالت جوابدارن کان مقتول جي وارثن کي 3-3 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي جڏهن ته عدم ادائيگي تي جوابدارن کي وڌيڪ 6-6 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

ڌاڙي جي الزام ۾ عدالت جوابدارن کي 10-10 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ 3-3 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي جڏهن ته شريڪ جوابدار رحيم شاهه کي عدالت گهٽ عمر جي ڪري عمر قيد ۽ مقتول جي وارثن کي 3 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هرجاڻو ادا نه ڪرڻ تي جوابدار کي وڌيڪ 6 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.