حمزه جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ، سڃاڻپ ڪارڊ آڻڻ جي هدايت

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 28 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ نيب اختيارين ليگي اڳواڻ کي عدالت جي آڏو پيش ڪيو.

ٻڌڻي جي آغاز تي عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس جي ريفرنس جي ڪهڙي صورتحال آهي، ان تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ريفرنس تياري جي آخري مرحلن ۾ آهي.

انهيءَ دوران حمزه شهباز جي خلاف رمضان شگر ملز ڪيس جي به ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت حمزه شهباز جي شاهدن جا دستاويز وٺڻ جي دروخاست رد ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران فاضل جج حمزه شهباز کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ هن وقت پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ آهي؟ ان تي هن ٻڌايو ته هن وقت سڃاڻپ ڪارڊ ناهي.

عدالت حمزه شهباز کي اڳتي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ تي نالو ڏيکاري حاضري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

بعد ۾ عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۽ رمضان شگر ملز ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي حمزه شهابز جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ 28 فيبروري تائين جي واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.