چوڌري شگر ملز ڪيس: نواز شريف جون تازيون ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ پيش

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي وڪيل هن جون تازيون رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون.

لاهور جي احتساب عدالت جي جج ملڪ امير محمد خان نواز شريف، مريم نواز ۽ يوسف عباس جي خلاف نيب جي درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪيس جي گذريل ٻڌڻي ۾ عدالت نواز شريف جون نيون ميڊيڪل رپورٽون طلب ڪيون هيون جنهن تي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جون تازيون ميڊيڪل رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون.

اڄ ٿيل ٻڌڻي ۾ نواز شريف طرفان هن جو وڪيل امجد پرويز پيش ٿيو جنهن ميڊيڪل رپورٽن کان سواءِ نواز شريف جي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ حاضري کان معافي جي درخواست به عدالت ۾ پيش ڪئي.

وڪيل امجد پرويز موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جي صحت هن وقت تائين خراب آهي ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو اڃان سفر نٿو ڪري سگهي.

هن عدالت کي ٻڌايو ته نواز شريف جو پرڏيهه ۾ علاج جاري آهي ۽ هو هڪ ڪلينڪلٽيم جي نگراني ۾ آهي جڏهن ته فيبروري جي آخر ۾ هن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ ٽريٽمنٽ شيڊول آهي.

جنهن تي احتساب عدالت نواز شريف جي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ حاضري کان معافي جي درخواست منظور ڪري ورتي.

ٻڌڻي ۾ اڳوڻي وزير اعظم جي ڀائٽي ۽ ڪيس جي جوابدار يوسف عباس کي پيش ڪيو ويو جنهن جي عدالتي ريمانڊ ۾ 28 فيبروري تائين جي واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.