سلميٰ بروهي ڪيس: معطل جج بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) سيوهڻ ۾ ناري سان مبينا زيادتي جي الزام ۾ معطل جج امتياز ڀٽو عدالت ۾ بيان ريڪارد ڪرائي ڇڏيو.

چيمبر ۾ ناري سان زيادتي جي ڪيس ۾ معطل جج امتياز ڀٽو سيشن جج ڄام شورو جي عدالت ۾ پيش ٿيو جتي هن گرفتارکان اڳ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخوست ڪئي.

ان موقعي تي ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي اورنگزيب عباسي ۽ منير عباسي به عدالت ۾ موجود هئا.

ٻڌڻي دوران عدالت معطل جج کان پڇاڻو ڪيو ته توهان نه بيان ريڪارڊ ڪرائي رهيا آهيو ۽ نه ئي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي رهيا آهيو.

فاضل جج حڪم ڏنو ته توهان پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو پوءِ ضمانت ۾ وا جي درخواست ٻڌنداسين.

بعد ۾ عدالت جي حڪم تي معطل سول جج عدالتي پراسيڪيوٽر جي موجودگي ۾ پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو جنهن ۾ هن چيو ته مون تي لڳل الزام غلط آهن.

بيان ريڪار ڪرائڻ کان پوءِ معطل جج عدالت ۾ ٻيهر پيش ٿيو جنهن تي جوابدار جي وڪيل اپيل ڪئي ته عدالت زيادتي جو الزام هڻندڙ ناري جو بيان به وٺي.

عدالت حڪم ڏنو ته 21 تاريخ تائين جوابدار جج ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته جوابدار کي ڪنهن به ليبارٽري مان ڊي اين اي ڪرائڻ جو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻو پوندو ان تي معطل جج ڊي اين اي جي لاءِ پنهنجي وڪيلن سان صلاح مشوري جو وقت گهريو.

بعد ۾ عدالت معطل جج جي درخواست تي ضمانت ۾ 21 فيبروري تائين جي واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.