مولانا فضل الرحمان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس ٿيڻ گهرجي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته آئون ڪرپٽ ناهيان جيڪا ڪرپشن ڪندا آهن انهن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي.

ملڪي موجوده صورتحال تي صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ملٽري ايجنسيز کي خبر هوندي آهي ته ڪير ڇا ڪري رهيو آهي ان ڪري جيڪي ڪرپشڻ ڪندا آهن انهن کي فوج جو ڊپ هوندو آهي، آئون نه ئي ڪرپٽ آهيان نه ئي پيسا ٺاهي رهيو آهيان.

ملڪ ۾ اٽي بحران تي هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت وڃڻ جون ڳالهيون رڳو پنهنجي پارٽي کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي ۽ اِها سياسي مافيا آهي انهن کي مهانگائي جي نه پر پنهنجي ذات جي فڪر آهي پر اٽي بحران جي ابتدائي رپورٽ ۾ جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار جو نالو ناهي.

آءِ ايم ايف جو بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي عمران خان چيو ته قيمتون وڌيڪ نٿا وڌائي سگهون ان حوالي سان آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ٿي ويندا.

جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي بيان تي وزير اعظم چيو ته هن جي بيان تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس ٿيڻ گهرجي معلوم هئڻ گهرجي ته مولانا فضل الرحمان کي ڪنهن خاطري ڪرائي آهي.

سينيٽ اليڪشن جي حوالي سان وزير اعظم ٻڌايو ته اليڪشن سڌارن جي لاءِ قانون آڻي رهيا آهيون جنهن جي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ بائيو ميٽرڪ سسٽم کي لازمي قرار ڏينداسين.

هن وڌيڪ چيو ته سينيٽ اليڪشن ڳجهي راءِ شماري سان نه ٿيندي ۽ شو آف هينڊز سان سينيٽ اليڪشن جو قانون آڻينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.