”اسان جي لاءِ ڪشمير جي حيثيت اُها ئي آهي جيڪا پاڪستان لاءِ آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪشمير تي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته اسان جي لاءِ ڪشمير جي حيثيت اُهائي آهي جيڪا چناق قلعي جي هئي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 2 ڏينهن جي دوري تي آيل ترڪ صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪيو.

گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته پاڪستنا جي عوام جي خدمت ۾ محبت جو سلام پيش ڪيان ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت کي گڏ ڪرڻ تي الله جو شڪر ٿو ادا ڪريان.

هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري دوري تي توهان سان مخاطب ٿيڻ مسرت ۽ دلي خوشي جو سبب آهي، هٿن گڏيل اجلاس کي خطاب جي موقعو فراهم ڪرڻ تي آئون الڳ الڳ توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان.

ترڪ صدر چيو ته منهنجي اسلام آباد ۾ قدم پير رکڻ سان ئي جنهن طريقي سان پاڪستان جي عوام خوشي ۽ محبت سان استقبال ڪيو، آئون ان تي پاڪستاني قوم ۽ اعليٰ اختيارين جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، آئون هتي پاڪستان ۾ ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي اجنبي ملڪ ۾ محسوس ناهيان ڪندو.

رجب طيب اردوان جو چوڻ هو ته اڄ پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا سڀني جي لاءِ فخر جو سبب آهن، مغليه سلطنت جو باني ظهير الدين بابر موجوده پاڪستان سميت سڄي خطي تي لڳ ڀڳ 350 سال حڪومت قائم رکي ۽ اسان جي گڏيل تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيا.

هن چيو ته 1915ع ۾ جڏهن ترڪ فوج چناق قلعي جو دفاع ڪري رهئي هئي ته ان محاذ کان 6 هزار ڪلو ميٽر پري سر زمين تي ٿيل مظاهرا ۽ ريليون اسان جي تاريخ جي ناقابل فراموش صفحن تي لکجي چڪيون آهن.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته لاهور ۾ ٿيل ان تاريخي جلسن جو مرڪز چناق قلعو ئي هو.

ترڪ صدر جو چوڻ هو ته پاڪستان جي عوام پنهنجو پيٽ ڪٽي جهڙي طرح ضرورت جي وقت ترڪي جي مدد ڪئي اسان ان کي ڪڏهن به فراموش نه ڪري سگهداسين ۽ اسان جي لاءِ هن وقت ڪشمير جي حيثيت اُها ئي آهي جيڪا توهان جي لاءِ آهي.

هن چيو ته اڄ ڪشمير اُهو ئي آهي جيڪو ڪالهه چناق قلعو هو ان ۾ ڪو به فرق ناهي.

رجب طيب اردوان چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اهڙا آهن جيڪي شايد ئي دنيا ۾ ڪنهن ملڪن جي وچ ۾ ڏسڻ ممڪن هجن.

هن چيو ته پاڪستان جو ڏک ۽ سور اسان جو ڏک ۽ سور آهي، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي، ان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي اسان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي آهي ۽ ان سوچ سان اسان ڪجهه عرصي ۾ پاڪستان ۾ آيل ڪجهه قدرتي آفتن، ٻوڏ ۽ زلزلي جي تباهين جي موقعي تي پنهنجي ڀائرن جي مدد لاءِ ڊوڙياسين.

رجب طيب اردوان چيو ته پنهنجي ڀائرن جي جنگ استقلال ۾ شرڪت ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شوڪت علي ۽ محمد علي جوهر کي اسان ڪيئن ٿا فراموش ڪري سگهون اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين.

ترڪ صدر چيو ته اسان حيدرآباد کان وٺي اسلام آباد تائين پنهنجي سمورن ڀائرن ۽ ڀينرن جي ترڪي جي لاءِ ۽ ترڪي جي جنگ استقلال جي لاءِ سجدن ۾ دعائون ڪندڙن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون اسان انهن کي ڪڏهن به فراموش نٿا ڪري سگهون.

سندس چوڻ هو ته اسان سخت دٻاءَ، ڌمڪين ۽ غربت جو شڪار هئڻ جي باوجود ترڪن کي اڪيلو نه ڇڏيندڙ وفاردار ڀائرن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون؟

رجب طيب اردونا چيو ته پاڪستان سان ازل کان هلندڙ اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا آخر تائين قائم رهندا ڇو ته اسان جو اخوت جو رشتو، مائٽي مٽي نه پر دل جي لگن جو رشتو آهي، اسان جي دوستي مفاد تي ٻڌل ناهي پر عشق ۽ محبت سان پروان چڙهي آهي.

هن چيو ته پاڪستان جو ڏک ۽ سور آهي اسان جو ڏک ۽ سور آهي، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي، ان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي اسان جي ڪاميابي ۽ ناڪامي آهي.

ترڪ صدر چيو ته 15 جولاءِ جي ناڪام بغاوت جنهن ۾ 251 انسان شهيد ٿي ويا هئا، پاڪستان جي دعائن کي اسان دل جي گهرائين سان محسوس ڪيو.

رجب طيب اردوان چيو ته پاڪستان جي اختيارين دهشتگرد تنظيم سان سلهاڙيل اسڪولن ترڪي جي معارف فائونڊيشن جي حوالي ڪندي اسان جي قوم جي حقيقي دوست هئڻ جو ثبوت ڏنو.

هن چيو ته پاڪستان حڪومت آڪٽوبر ۾ شام جي اتر ۾ شرع ڪيل چمشه امن فوجي آپريشن جي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي ڀرپور طريقي سان حمايت ڪئي، رڳو زباني طور تي جمهوريت ۽ انساني حقن جو پرچار ڪندڙ جي ابتڙ پاڪستان ترڪي جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو.

ترڪ صدر چيو ته پاڪستاني ڀائرن طرفان ترڪن جي دوستي تي پڪو يقين رکڻ جو طلبگار آهيان، ماضي جيان مستقبل ۾ به اسان پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکنداسين.

رجب طيب اردوان چيو ته ان دائريڪار ۾ موجود دور جي اهم موضوع فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي اجلاسن ۾ پاڪستان تي پوندڙ سياسي دٻاءَ جي باوجود اسان پاڪستان جي ڀرپور حمايت جي پختي خاطري ڏياريون ٿا.

هن چيو ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي جي سفر طرفان روان دوان آهي بلا شڪ اقتصادي ترقي هڪ ٻن ڏينهن ۾ عمل ۾ ناهي ايندي ان ڪري گهڻي محبت ۽ منصوبابندي ڪرڻي پوندي آهي، عزم، يقين ۽ خود اعتمادي سان ڪم وٺڻو پوندو آهي.

ترڪ صدر چيو ته ترقي جي کي حاصل ڪرڻ ۾ استحڪام ۽ اعتماد لازمي آهي، مون کي يقين آهي ته پاڪسنا جي قانون ساز ادارن، مجلس عامله، فوجي ادارن جي سهڪار ۾ جاري جدوجهد جا ثمر جلد ملڻ شروع ٿي ويندا.

رجب طيب اردوان چيو ته آئون ترڪي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سيڙپڪارن جي هڪ وڏي گروپ سان گڏ آيو آهيان پاڪستان ترڪي گڏيل ورڪنگ گروپ اجلاس ۾ سيڙپڪارن سان گڏ ويهنداسين.

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس:

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اجلاس جي آغاز ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته رجب طيب اردوان پاڪستان جو سچو دوست ۽ مسلم امت جو اڳواڻ آهي.

هن چيو ته 22 ڪروڙ پاڪستاني عوام جو چونڊيل ايوان ترڪ صدر کي ڀيلڪار چوي ٿو.

گڏيل اجلاس جي آغاز تي ترڪي ۽ پاڪستان جا قومي ترانا پڙهيا ويا، جنهن کان پوءِ تلاوت قرآن پاڪ ڪئي وئي ۽ نعت رسول مقبول پڙهي وئي.

اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پارليامينٽ آمد تي وزير اعظم عمران خان، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو استقبال ڪيو هو.

گڏيل اجلاس ۾ هٿياربند فوجن جي سربراهن، حڪومتي اڳواڻن، وفاقي وزيرن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن سميت سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رحمان ملڪ، شيري رحمان ۽ راجا پرويز اشرف، پاڪستان مسلم ليگ ن جي خواجا آصف، احسن اقبال ۽ آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.