دادو ۾ معذورن جو ڪوٽا ۾ هيرا ڦيري خلاف گڏهه بيهاري ڌرڻو

دادو (ڊ ر) دادو ۾ معذورن پاران دادو جي ڊپٽي ڪمشنر  پاران من پسند ماڻهو معذوري ڪوٽا تي کڻڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو افتخار سومرو، محمد عرس قنمبراڻي، صاحب خان ٻٻر، بشير چانڊيو ۽ ٻين گڏهه بيهاري انوکو احتجاج ڪري دادو ڊپٽي ڪمشنر خلاف سخت نعاريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين الزام هنيو ته معذوري ڪوٽا تي دادو جي ڊپٽي ڪمشنر من پسند ماڻهن کي نوازي رهيو آھي هنن الزام هنيو ته دادو ڊپٽي ڪمشنر پاران هڪ ڪاميٽي ويهاري هئي جنهن ۾ اسان کان انٽرويو ورتا ويا هئا ته اوهان کي نوڪريون ڏنيون وينديون هن مهل انهن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون آھن جيڪي انٽرويو ۾ نه ويٺا هئا هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي هائوس آڏو مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪئي ويندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.