شاگردن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي: مرتضيٰ بلوچ

ملير (ڊ ر) صوبائي وزير مرتضيٰ بلوچ چيو آهي ته شاگردن ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، اسان جو شاگرد دنيا سان مقابلو ڪري سگهي ٿو، سنڌ حڪومت معياري تعليم سان گڏ شاگردن جي بهتر تربيت جا خصوصي قدم کڻي رهي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير کوکراپار آدم هنگورو ڳوٺ جي اسڪول ۾ تقريري مقابلن ۾ ڪامياب شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته شاگردن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي جنهن سان انهن جو اڳيان وڌڻ ۽ سندن صلاحيت م خاطر خواهه اضافو ٿئي ٿو هن چيو ته جتي خانگي تعليمي ادارن اندر شاگردن جي تعليمي معيار جو خيال رکيو وڃي ٿو اتي سرڪاري اسڪولن اندر تعليم جي مختلف شعبن ۾ سنڌ حڪومت خاص پروگرام جوڙيا آهن . جن ۾ تعليم جو معيار اولين ترجيحات ۾ شامل آهي،هن چيو ته شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ تعليمي ادارن جي ترقي ۾ سنڌ حڪومت خصوصي دلچسپي وٺندي عملي طور تي ڪم ڪري رهي آهي، تقريب ۾ ڊي ايم سي ملير جي چيئرمين جان محمد بلوچ، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪولز سليم اعواڻ، ڊي اي او تعليم سراج ميمڻ، نعمان عبدالله مراد، شهزاد قريشي، پير صديق شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شاگردن ٽيبلوز ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.