رڪڻ پوليس تي ڦر جا جوابدار رشوت وٺي ڇڏڻ جو الزام

ڪڪڙ( ن ع آ ) ڪڪڙ جي واپاري محمد اقبال چارڻ کان2 مھينا اڳ ھٿياربندن ھٿان موٽر سائيڪل 30 ھزار روڪ رقم سوني منڊي ڦر لٽ ڪرڻ جي واقع کان پوءِ رڪڻ پوليس اڃا تائين واپاري جو سامان ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي جنھن کان پوءِ واپاري اقبال چارڻ پاران ڪڪڙ جي واپارين طرفان 16 فيبروروي احتجاج جو سڏ آھي ان سلسلي ۾ ڪڪڙ جي واپاري محمد اقبال چارڻ چيو آھي ته رڪڻ ٿاڻي جي حد مان مون کان 2 مھينا اڳ ھٿياربندن موٽر سائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر جو رڪڻ ٿاڻي تي نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو 2 مھينن تائين منھنجو جو سامان جوابدارن کان هٿ نه ڪرائي سگھي، جنھن بعد 2 ھفتن بعد ڦر ڪندڙ جوابدار جي موبائل فون ٽريس ٿيڻ ۽ سي ڊي آر جي رپورٽ ۾ نوشھرو فيروز ضلعي سان تعلقي مورو سان تعلق رکندڙ جوابدار رجن لغاري طور ٿي.  ۽ بعد ۾ ايس ايڇ او پاران ايس ايس پي دادو کان جوابدارن جي گرفتاري ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي دادو لکت ۾ حڪم ورتو جتي پوليس ڪارروائي ڪندي مک جوابدار رجن لغاري کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس مک جوابدار رجن لغاري سميت ٻين جوابدارن کان لکين رپيا رشوت عيوض کين آزاد ڪيو ويو، واپاري محمد اقبال چارڻ ڊي آءِ جي حيدرآبار ايس ايس پي دادو کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او رڪڻ کي ھٽائي انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.