پڪا چانگ ۾ مارئي ٽيوشن سينٽر طرفان تعليمي جاڳرتا ريلي

پڪاچانگ(ت ر)مارئي فري ٽيوشن سينٽر طرفان ڪامريڊ مرتضي شر جي اڳواڻي ۾ جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ سوين ٻارڙن سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جاڳرتا ريلي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي مک چوڪ تي پھتي. جتي ڳالھائيندي مارئي فري سينٽر جي باني ڪامريڊ مرتضيٰ شر چيو ته ھن ريلي جو مطلب شھر ۾ ڪا به پبلڪ لائبرصري نه ھجڻ ٻارڙن جي راندين جو ڪو ميدان نه ھجڻ ڪري ٻارڙا سخت پريشان آھن، اڄوڪي ريلي ۾ شامل سوين ٻارڙن جو حڪومت کان مطالبو آھي ته شھر ۾ پبلڪ لائبريري ۽ راندين جو ميدان ڏنو وڃي. جڏھن ته ريلي ۾ شريڪ شاگردياڻين  نياڻين کي تعليم ڏيو وارا بينر ھٿن ۾ کنيل ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.