ڪورنگي جي ڳوٺن ۾ منشيات وڪرو، نوجوان نسل تباهه

ڪورنگي  ( ن ع آ ) ڪورنگي چڪرا ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ منشيات گٽڪو ۽ ٻيون نشي آور شيون ھلڻ جو سلسلو تيز ڪيترائي نوجوان نشي ۾ وٺجي ويا، حد جي پوليس ۽ ٻين ذميوارن کي ان سماج جي برائي جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گھرجي، چڪرا ڳوٺ جي معزز شخصيت ماما سڪندر بلوچ اپيل ڪندي چيو ته پھريان به منشيات فروشن خلاف آواز اٿاريندو رھيو آھيان، حد جي ايس ايڇ او ۽ ٻين کي اطلاع ڏنا آھن پر ھن مھل تائين ڪو به نتيجو سامھون ناھي آيو، نشي واريون شين جو ڪاروبار تيز ٿيندو پيو وڃي، چڪرا ڳوٺ جي معززن ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.