اسلام ڪوٽ لڳ شاگردياڻين جو عمارت لاءِ احتجاج

مٺي (بيورو) اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ کاکڻيهار بجير ۾ تعليم کاتي سنڌ جي نااهلي سبب 2003ع کان هلندڙ گرلس پرائمري اسڪول جيئو پاڙو جي بلڊنگ منظور نه ٿي سگهي آهي،جنهن سبب 60 کان 70 معصوم نياڻيون ڳوٺاڻن کي مليل ڪميونٽي سينٽر ۾ تعليم پرائي رهيون آهن،شاگردياڻيون سخت پريشاني جو شڪار آهن،جتي ڪابہ سهوليت موجود ناهي،انهي سلسلي ۾ معصوم شاگردياڻين احتجاج ڪندي دانهيو آهي تہ اسان جي اسڪول کي بلڊنگ سميت سهولتون ڏنيون وڃن،ڳوٺاڻن چيو آهي تہ بلڊنگ بابت ڊپٽي ڪمشنر سيمت تعليم کاتي کي بار بار درخواستون ڏيڻ باوجود ڪو بہ عمل نه ٿيو آهي،ڳوٺ کاکڻيهار بجير ۾ گرلس پرائمري اسڪول جيئو پاڙو جي ايس ايم سي چيئرمن علي حسن بجير ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي پاڙي ۾ 2003ع کان گرلس اسڪول هلندڙ آهي، جنهن ۾ 60 کان مٿي نياڻيون تعليم حاصل ڪن ٿيون پر اسڪول جي بلڊنگ ٺهيل نہ آهي اسان نياڻين کي ڪميونٽي سينٽر ۾ تعليم ڏياري رهيا آهيون.  اسان بلڊنگ بابت ڊپٽي ڪمشنر سميت تعليم جي هر آفيسر کي درخواستون ڏنيون آهن پر ان تي ڪو به عمل نه ٿيو آهي اسان سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙبکان مطالبو ٿا ڪريون تہ اسڪول جي بلڊنگ جو نوٽيس ورتو وڃي اسان کي اسڪول جي بلڊنگ منظور ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.