پي ٽي آءِ حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جا تماشا

عارف نظامي

تازي خبر آهي ته عمران خان ۽ چوڌري ڀائر پاڻ ۾ ٺهي ويا آهن ۽ هاڻي هو پاڻ ۾ ڀائر ٿي ويا آهن، ڪالهه جي ڳالهه آهي جو چوڌري ڀائر محمد سرور، عثمان بوزدار ۽ شفقت محمود تي مشتمل ڪميٽيءَ سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي آهي، ان ڪميٽيءَ کي تسليم به نه ڪندا هيا. چوڌري صاحب اوچتو ئي اوچتو سوڍا وانگر ٿڌا ٿي ويا آهن جو ڳالهين جي پهرين دور ۾ ئي ڌرين وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن، ڳالهين بعد چوڌري صاحبن جو رويو انتهائي ماٺيڻو ٿي ويو آهي.

جهانگير ترين ڪميٽي جنهن جا منٽس به تيار ٿي چڪا هيا ۽ جنهن جي تياريءَ بعد ان سان فوري طور تي ڳالهيون ٿيڻيون هيون، ان ڪميٽيءَ بعد جڙندڙ نئين ڪميٽيءَ جي تشڪيل تي چوڌري ڀائر تمام گهڻو ڪاوڙيل هيا ان بعد چوڌري ڀائرن سي پي اين اي جي قائمه ڪميٽيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته تحريڪ انصاف وعدي خلافي ڪئي آهي ۽ پنهنجا ڪيل وعده پورا نه ڪيا آهن، هُنن تحريڪ انصاف جي خراب حڪومت تي به تنقيد ڪئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ٽي وي چينل 92- جي سالگرهه جي موقعي تي چوڌري پرويز الاهي جو انٽرويو ڪيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته جڏهن حڪومت ۾ ” مان“ ئي ” مان“ اچي وڃي ۽ ان بعد ”ٽين“ اچي وڃي ته معاملو ان وقت ئي خراب ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. هاڻي چوڌري صاحبن جو چوڻ آهي ته حڪومت لاءِ ڪيترائي مسئلا آهن، جن کي منهن ڏئي رهي آهي، هاڻي مسئلن کي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ق گڏجي منهن ڏينديون، سندس اهو به چوڻ آهي ته هو عمران خان جي قائداڻي صلاحيتن جون دل سان احترام ڪن ٿا.

پرويز خٽڪ جو چوڻ آهي ته ننڍڙا ننڍڙا مسئلا هيا جن کي ڳالهه ٻولهه ڪري ختم ڪيو ويو آهي ۽ ق ليگ کي راضي ڪيو ويو آهي، هُن جو اهو به چوڻ هيو ته جڏهن اتحادين سان رابطا نه رهندا ته انهن کي شڪايتون پيدا ٿينديون، اسان جا اتحادي مسلم ليگ ق، بي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم ڪيڏانهن نه پيا وڃن اهي اسان سان گڏ آهن، اوهان کي خاطري هُجي ته اهي ٽئي سال اسان سان گڏ ئي رهندا.

مخالف ڌر جيڪا مسلم ليگ ( ق) ۽ حڪومت جي اختلافن ڏانهن مسلسل ڏسي رهي هُئي يا وري، ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت وچ ۾ اختلافن تي ان جي نظر هُئي پر هاڻي واري صورتحال ۾ انهن جو چوڻ اهو ئي آهي ته ” تماشو ڏسڻ ته اسان به وياهياسين پر تماشو نه ٿيو“،  مون اهڙي قسم جو اشارو پنهنجي هڪ اڳئين ڪالم ۾ ڏنو هو، جنهن ۾ مداريءَ اهڙو تماشو ڪرائڻ پئي گهريو هاڻي ان اهڙي تماشي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، چوڌري ڀائر هاڻي انهيءَ اڳئين پگهار تي ئي ڪم ڪندا رهندا.

اهو پهريون دفعو نه آهي ته پرويزالاهيءَ کي ڪا ناڪامي ڏسڻي پئي آهي، نواز شريف جي دور ۾ جڏهن هو بلديات وارو وزير هو تڏهن ان نواز شريف جي خلاف بغاوت جو جهنڊو اڀو ڪيو هو، ان وقت جڏهن جنرل ضياالحق لاهور جي دوري تي آيو هو ته ان اهو واضح اعلان ڪيو هو ته نواز شريف جو ” قلعو“ مضبوط آهي، سندس  اهڙي بيان سان ئي چوڌري پرويز الاهيءَ جي بغاوت واري ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي هُئي. انهيءَ چوڌري پرويزالاهيءَ ميان نواز شريف کي گجرات اچڻ جي دعوت ڏني ۽ زمانو شاهد آهي ته ان چناب واري پل تي سندس گاڏيءَ کي ڪلهن تي کڻائي چوڌري ظهورالاهي پيلس تائين پهچرايو هو…، بس ڇا ڪجي اِهي آهن زماني جا انقلاب.

جيڪا ڪميٽي جهانگير ترين جي سربراهيءَ ۾ جوڙي وئي هُئي ان متعلق تحريڪ انصاف وارن کي شڪايت اها هئي ته ان ڪميٽيءَ چوڌرين ڀائرن جون سموريون گهرجون ۽ مطالبا مڃيا آهن، اهڙي صورتحال تي عمران خان مجبرو ٿيو ۽ هُن وري وري يوٽرن ورتو، ۽ هڪ نئين ڪميٽي جوڙي ورتي، هاڻي اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ۽ نه ئي وري چوڌري ڀائرن اهو اعلان ڪيو آهي ته سندن ڪهڙا ڪهڙا مطالبا مڃيا ويا آهن، ياد رهي ته چوڌري ڀائرن پنجاب جي چئن ضلعن گجرات، منڊي بهائوالدين، چڪوال ۽ بهاولپور جو انتظامي ڪنٽرول گهريو هو. بيورو ڪريسيءَ ۾ تبديلن جا اختيار به کين گهربل هيا، جڏهن ته صوبي ۾ وزارتون ۽ وفاق ۾ مسلم ليگ ق جي وزير بشير چيمه کي وڌيڪ بااختيار بنائڻ جو مطالبو پڻ هو. چوڌري ڀائرن جهانگيرترين ڪميٽيءَ کي ڳالهين تسليم ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي جو ٽائم ڏنو هو جيڪو خاموشيءَ سان پورو ٿي ويو، ۽ هاڻي انهن مطالبن جي مڃتا يا رد ڪرڻ متعلق ڪوبه اعلان نه ٿيو آهي، جنهن جو مقصد آهي ته چوڌري ڀائر هاڻي پراڻي پگهار تي ئي ڪم ڪندا رهندا.

جهانگير ترين به بادشاهه ماڻهو آهي، کيس ڪهڙي خبر ته چوڌري ڀائرن سان ڪيل معاهدو اصل ۾ وقت جو گذارو هو، ڇو جو وزير اعظم کي اهو اندازو ٿي چڪو آهي ته چوڌري ڀائر حڪم جا غلام آهن، ۽ ٿيو به ائين ئي ڪجهه ئي نياپن تي معاملو طئه ٿي ويو، ان مان ظاهر آهي ته جهانگير ترين کان وزيراعظم کي پارٽيءَ جا مفاد پيارا آهن. وزيراعظم رڳو سيز فائر واري عمل دوران ئي چوڌري ڀائرن کي شڪست ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي، مخالفن کي زير ڪرڻ سان ظاهر آهي ته حڪومت جا مسئلا گهٽ ته نه ٿيندا.

پارٽيءَ اندران ڀانت ڀانت جا آواز اٿي رهيا آهن، حد ته اها آهي جو ٻارن سان جنسي زيادتين جي مسئلي تي پارٽيءَ جا هڪڙا ماڻهو مجرمن کي سري عام ڦاهي ڏيڻ جي حق ۾ آهن ته وري ٻيا چوڌري فواد ۽ شيرين مزاريءَ جهڙا ان جي خلاف آهن.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل جڏهن نيب متعلق پنهنجيون سفارشون ڏنيون هيون ته چوڌري فواد جو چوڻ هو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل مان اسان کي ڪابه نظرياتي رهنمائي نه پئي ملي، مون کي ان ڳالهه تي حيرت آهي ته اهڙي اداري تي ڪروڙين روپيه ڇو پيا خرچ ڪيا وڃن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نيئن سر جوڙجڪ جي ضرورت آهي، هُن اهڙي نموني خيبرپختون خواهه جي ٻن سينيئرن وزيرن ۽ وزيراعلى محمود علي خلاف به بغاوت جو علم اڀو ڪيو هو.

اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف سان اقتصادي پاليسين تي ڳالهين جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ڇهه ارب ڊالرن جي ٽين قسط حاصل ڪرڻ لاءِ عوام تي ٻه سوارب روپين جا نوان ٽيڪ لاڳو ڪرڻا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت کي تيل، گيس، بجلي ۽ ٻين اسمن تي ٽيڪس لڳائڻا آهن. هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي، ناڻي واڌ ۽ بيروزگاريءَ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي جڏهن ته معيشت ۾ هاڻي ٽيڪسن جو بار برداشت ڪرڻ جي ڪا سگهه نه رهي آهي.

آخرڪار خان صاحب کي جنوريءَ ۾ عام واهپي جي شين ۾ 14- کان 22 سيڪڙو اضافي سبب ڪافي پريشاني ٿي هُئي جنهن ڪري هُن عوام کي رعايت ڏيڻ لاءِ ڪافي اعلان پڻ ڪيا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ يوٽيلٽي اسٽورن سان عوام کي ڪنهن حد تائين رليف ملي سگهي ٿو پر اهڙن عملن سان مهانگائيءَ جي ديو کي ڪنٽرول نه ٿو ڪري سگهجي، جيستائين ملڪ ۾ اڪاناميءَ جو ڦيٿو نه ٿو هلي تيستائين حڪومت ۽ پارٽي ترجمانن جي سبيلن ڏيڻ مان ملڪ جو کاتو نه ٿو هلي سگهي ۽ نه ئي عوام خوشحال ٿي ٿو سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.