جهڏو ۾ نوجوان پاران بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
جهڏو ۾ نوجوان پاران بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ جهڏو ۾ نوجوان پاران بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج

جهڏو ۾ نوجوان پاران بااثر ماڻهن ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاج ڪيو ويو ، ميڊيا سينٽر جهڏو تي ضلعي بدين جي ڳوٺ حيات خاصخيلي جي رهواسي نوجوان عبدالستار ولد عبدل جبار بنگش احتجاج ڪندي ٻڌايو ته پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪيون ٿا پر علائقي جا ڪجهه بااثر ماڻهو ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مختلف بهانن سان کين تنگ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته  ڪجهه ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ عبدالغفار کي پنگريو ٿاڻي جي پوليس پوسٽ حيات خاصخيلي جي پوليس هٿان بيگناهه گرفتار ڪرائي ٽي ٽي پستول لڳائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ، هن چيو ته ڀاءُ جي وڏي مشڪل سان ضمانت ڪرائي آهي ته تازو ڳوٺ حيات خاصخيلي واسي ڪرمنل ڏوهاري عبدالحسين عرف گوجي ڀٽي سندس خلاف ڪوڙي درخواست ڪئي آھي جنھن بعد حيات خاصخيلي پوليس منهنجي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.