چيلهار: ڳوٺ مٺڙيو کوکر تعليم سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل

عوامي آواز رپورٽ
aaaaaa
عوامي آواز رپورٽ aaaaaa

چيلهار ويجهو ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي سالن کان اسڪول بند ۽ ڪجهه مهينن کان آروپلانٽ به خراب  پيل آهي جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، چيلهار ويجهو 300 گهرن جي آبادي رکندڙ ڳوٺ مٺڙيو کوکر ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آھي ڳوٺ کي پاڻي، بجلي ،صحت  توڙي تعليم جي ڪابه سهولت مليل نه آھي جنهنڪري ڳوٺاڻا سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڳوٺاڻن حيدر کوکر، خدابخش کوکر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموري ڳوٺ کي صرف هڪ آر او پلانٽ مليل آھي جيڪو به گذريل 6مهينن کان خراب پيل آھي ۽ ڳوٺ ۾ سرڪار جي طرفان هڪ اسڪول مليل آھي جيڪو به گذريل پنجن سالن کان استاد نه ملڻ ڪري ڀوت بنگلي ۾ تبديل ٿي  ويو آهي ،

هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جو اسڪول ۽ آروپلانٽ سميت ٻيون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.