ڄامشورو: ادبي بورڊ طرفان ڪتابي ميلو ۽ حميد سنڌي بابت مذاڪرو

عوامي آواز رپورٽ
ڄامشورو: ادبي بورڊ طرفان ڪتابي ميلو ۽ حميد سنڌي بابت مذاڪرو
عوامي آواز رپورٽڄامشورو: ادبي بورڊ طرفان ڪتابي ميلو ۽ حميد سنڌي بابت مذاڪرو

سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽن ڏينهن واري ڪتابي ميلو اڄ پڄاڻي تي پهتو، سنڌ جي ناليوارن شاعرن ، اديبن کان سواءِ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ڪيترن ئي ماڻهن هن ميلي ۾ نه رڳو شرڪت ڪئي پر ڪتابن جي خريداري ڪندي پنهنجا ويچار به ونڊيا

آخري ٽئين ڏينهن تي حميد سنڌي جي فن ۽ شخصيت تي نالي واري اديب سرفراز راڄڙ جي صدارت ۾ مذاڪرو ٿي گذريو. مذاڪري ۾ سيد حاڪم شاهه بخاري ، شمس الحق ميمڻ ، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ، واحد ڪانڌڙو , سينيئر صحافي نياز پنهور ، تاج جويو ، پروفيسر فهيم نوناري ، جي ايم قريشي ، اسد جمالي ۽ قاضي خادم سميت وڏي انگ ۾ ليکڪن، اديبن، دانشورن ۽ محققن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مقررن جو چوڻ هو ته حميد سنڌي علمي ۽ قلمي دنيا جو هڪ آدرشي انسان هو ، هن”روح رهاڻ“ رسالي جي پليٽ فارم تان نه فقط علم ۽ ادب جي آبياري ڪئي پر ڪيترن ليکڪن کي قلم قبيلي جو مضبوط ڪردار به بڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.