ٺٽو: سنڌ جي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ 40 ھزار مڇين جو ٻج ڇڏيو ويو

عوامي آواز رپورٽ
ٺٽو: سنڌ جي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ 40 ھزار مڇين جو ٻج ڇڏيو ويو
عوامي آواز رپورٽ ٺٽو: سنڌ جي تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ 40 ھزار مڇين جو ٻج ڇڏيو ويو

فشريز کاتي سنڌ پاران تاريخي ڍنڍ ڪينجھر ۾ 40 ھزار مڇين  جو ٻج ڇڏيو ويو.  ڪينجھر ڍنڍ تي 40 ھزار مڇي جو ٻيجو ڇڏڻ ۽ گيسٽ ھائوس جي افتتاح بعد صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير عبدالباري پتافي چيو ته  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي سنڌ حڪومت سنڌ ۾ موجود مٺن پاڻي جي ذخيرن کي ماضي وانگر بحال ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنو آھي، سنڌ جي تاريخي ڍنڍن ھاليجي، ڪينجھر ۽ منڇر تي ڪم ھلي رھيو آھي، ڪينجھر ڍنڍ جي مھاڻن جي روزگار کي ھٿي ڏيارڻ لاءِ 64 لک مڇي جو ٻج ڇڏيو پيو وڃي ۽ اڄ 40 ھزار مڇي جو ٻيجو ڇڏيو آھي، جنھن ۾ ڪرڙو، موراکو ۽ ٻي مڇي جو ٻيجو شامل آھي

ان موقعي تي ڪينجھر ڪنزرويشن نيٽ ورڪ جي اڳواڻن ماهيگيرن جي بنيادي مسئلن بابت کيس آگاهي ڏيندي گهر ڪئي ته ڪينجهر جي ملاحن لاءِ ٻيڙيون، مشينون ۽ رڇ  ڏنا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.