جهڏي لڳ زرعي اوزارن جي ڪمپني جو مالڪ قتل

 

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر ڀٽي) جهڏي لڳ زرعي اوزارن جي ڪمپني جي مالڪ، مشهور واپاري ۽ زميندار شاهد رحيم کي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب شاهد رحيم پنهنجي ٻنيءَ تان موٽي رهيو هو ته تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن روشن آباد ويجهو گوليون هڻي کيس قتل ڪيو.

فائرنگ جي آواز تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي مڙهه پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پهچايو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

مقتول جي تدفين سڀاڻي جمعي ڏينهن اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.